پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان پوري خطي جي قسمت جاڳي پوندي: نواز شريف

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون جي صدارت ۾ ترقي پذير ملڪن جو پاڻ ۾ تعاون تي هڪ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سڄي دنيا جي ترقي پذير ملڪن وچ ۾ تجارت جو حجم چار کرب ڊالرز کان وڌيڪ آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان به ان عمل ۾ اڳ اڳ آهي. پاڪ چين اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي نواز شريف چيو ته اها رٿا خطي جي اقتصادي ترقي ۾ خاص ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڏکڻ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته اها هن تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان پوري خطي جي قسمت جاڳي پوندي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري رٿا سڄي خطي ۽ ٻين ملڪن لاءِ وڏي اقتصادي فائدن واري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏکڻ جي ملڪن وچ ۾ واپار ، سيڙپڪاري انساني وسيلن جي ترقي ٽيڪنالوجي ۽ مالياتي وسيلن جي شعبن ۾ تعاون کي پنهنجي مفاد ۾ سمجهي ٿو. هن چيو ته هي اجلاس هڪ اهم موقعي تي ٿيو جنهن مان 2015 کانپوءِ جي ترقياتي ايجنڊا کي موجوده مسئلن ۽ حدفن کان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هي گول ميز ڪانفرنس جٽادار ترقي بابت گڏيل قومن جي سربراهه اجلاس ۽ 2030 جي ترقياتي ايجنڊا جي منظوري جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *