پاڪستان 4 مهينن تائين گري لسٽ ۾ رهندو: فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اعلان

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان طرفان دهشتگردن جي مالي سهڪار ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف کنيل قدمن کي قبول ڪندي باضابطا اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ 4 مهينن (فيبروري 2020) تائين پاڪستان گري لسٽ ۾ ئي رهندو. پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي پڄاڻي تي ٽاسڪ فورس جي صدر شيانگ من لو پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ان ڳالهه جي باي ۾ ٻڌايو ته پاڪستان کي وڌيڪ 4 مهينن جي لاءِ انهيءَ فهرست ۾ رکيو ويندو. واضح رهي ته ڀارت طرفان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون پر اِهي تمام ڪوششون ناڪام ٿي ويون ۽ ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ ئي رکيو. ايف اي ٽي ايف جي بيان موجب اسلام آباد کي هدايت ڪئي وئي هو مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي سهڪار جي مڪمل خاتمي جي لاءِ وڌيڪ بندوبست ڪري. پيرس ۾ ٿيل ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي قدمن تي فيبروري 2020ع ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. ٽاسڪ فورس طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان تي زور ٿو ڏئي ته هو فيبروري 2020ع تائين پنهنجو مڪمل ايڪشن پلان کي تيزي سان پورو ڪري. گڏوگڏ ئي اِهو به چيو ويو ته جيڪڏهن ان اڳئين اجلاس تائين پنهنجي ايڪشن تي مڪمل طريقي سان موثر ۽ نمايان اڳڀرائي نه ڪئي ته ايف اي ٽي ايف ڪارروائي ڪندو. بيان ۾ چيو ويو ته جون 2018ع جڏهن پاڪستان مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مالي سهڪار جي خاتمي کي مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردن جي مالي سهڪار بابت خامين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ايف اي ٽي ايف ۽ ايشيا پيسيفڪ گروپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان اي ايم ايل/سي ايف ٽي ببت ڪافي اڳڀرائي ڪئي. پڌرائي موجب پاڪستان پنهنجي ايڪشن پلان ۽ اي ايم ايل/سي ايف ٽي سڌارن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي عزم جو اظهار ڪري. ايف اي ٽي ايف موجب پاڪستان کي اسٽيريٽجڪ خامين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري رکڻ گهرجي. پر تازين بهترين کي قبول ڪندي ايف اي ٽي ايف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان طرفان دهشتگردي جي لاءِ مالي سهڪار جي خطرن کي ختم ڪرڻ بابت اڳڀرائي ۾ گڏيل گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي عالمي ٽيرر فنانسنگ خطرن کي سمجهڻ ۾ ڪافي حد تائين فهم جو مظاهرو ڪرڻ ۾ باقي رهندڙ خاميون شامل آهن. گڏوگڏ ئي پڌرائي ۾ اِهو به چيو ويو ته پاڪستان هن وقت تائين 27 ايڪشن نقطن مان وڏي پيعامي تي رڳو 5 تي عمل ڪيو جڏهن ته باقي ايڪشڻ ولان تي ڪيل اڳڀرائي جي سطح مختلف آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي وزير طرفان ان علان کان پوءِ بيان جاري ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪري ٿو. ناڻِي واري وزارت موجب ايف اي ٽي ايف جو اجلاس 13 کان 18 آڪٽوبر 2019ع تائين پيرس ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت وفاقي وزير حماد اظهر ڪئي. ڄاڻايل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان ۽ پاڪستان جي اي پي جي ميوچل ايوالوشن رپورٽ (ايم اي آر) تي پاڪستان جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ سياسي عزم جو اظهار ڪيو، جنهن کان پوءِ اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي جمود برقرار رکڻ ۽ اي پي جي ايم اي آر جي لاءِ 12 مهينن جي مشاهدي جي مدي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب وفد اجلاس جي سائڊ لائن تي مختلف ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان طرفان ايڪشن ۽ اي ايم ايل/سي ايف ٽي فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ بابت قدم کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. بيان موجب يو اين او ڊي سي ۽ اي پي جي سيڪريٽريٽ جي ڀائيواري سان پاڪستان جي ٽيڪنيڪي مدد ۽ تربيت جي ضرورتن بابت هڪ اجلاس رٿيو ويو، جنهن ۾ چين، آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، جاپان، يورپي يونين، عالمي بينڪ، آءِ ايم ايف، اي ڊي پي ۽ يو اين ڊي سي سميت مختلف ملڪن ۽ گهڻين ئي ايجنسين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *