پاڪستان ۾ اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم حيدرآباد ۾ ڀڳت ڪنور رام ميڊيڪل ڪامپليڪس جوڙائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪو مسلمان هندوءَ سان ظلم ڪندو ته هـُو مظلوم جو ساٿ ڏيندو، قوم ۾ اَيڪو پيدا ڪرڻ سندس مشن آهي. ڪراچي ۾ هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ڏياري جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظمحيدرآباد ۾ ڀڳت ڪنور رام ميڊيڪل ڪامپليڪس جوڙائڻ جو اعلان ڪيو. نواز شريف چيو ته ڏياري جي ڏڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڏياري جي خوشين ۾ سڀني کي شريڪ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪو مسلمان هندوءَ سان ظلم ڪندو ته هـُو مظلوم جو ساٿ ڏيندو. نواز شريف چيو ته ملڪ اندر ماڻهن ۾ ايڪو ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ سندس مشن آهي، دنيا جو ڪو به مذهب مظلوم تي ظلم جي اجازت نه ٿو ڏئي. ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف، هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي ايئرپورٽ تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم نواز شريف، انکانپوءِ پاڪ نيوي جي جنگي مشق سي اسپارڪ 2015ع جو معائنو ڪيو،جتي کيس تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. نواز شريف اونهي سمنڊ ۾ پاڪ نيوي جي جنگي مشقن ۽ ٻين فوجن سان رابطن توڙي گڏيل آپريشنل صلاحيتن جو مشاهدو به ڪيو. ان موقعي تي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ بچاءُ وارو وزير خواجه آصف پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *