پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين هاڪي ٽيسٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ چئن هاڪي ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ اڱاري تي کيڏي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان نيوزيلينڊ کي ان جي زمين تي پنج ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان هارائي ڇڏيو هو. نيوزيلينڊ خلاف سيريز کيڏڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم کي هاڻي آسٽريليا جي چئلينج کي منهن ڏيڻو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ چئن هاڪي ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي اربع، ٽين ميچ 31 مارچ جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ پهرين اپريل تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *