پاڪستان کي دهشتگردي ڪفيل رياست قرار ڏيڻ آمريڪا جي خواهش نه آهي: اعزاز چوڌري

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا ۾ نئين مقرر ٿيندڙ پاڪستاني سفير اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا ۾ پاڪستان کي دهشتگردي جي ڪفيل رياست قرار ڏيڻ جي ڪا به خواهش نه آهي، ماڻهو ٻنهي ملڪن ۾ پراڻن لاڳاپن کي ڏسڻ چاهين ٿا، ميڊيا رپورٽ موجب پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي اعزاز چوڌري افغانستان ۾ امن ڳالهين جي حوالي سانچئن ملڪن تي ٻڌل گروپ جيئن ٻين ملٽي لٽرل فورم جي ٻيهر بحالي جي ضرورت تي زور ڀريو، پاڪستاني سفير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته واشنگٽن جي مخصوص ماڻهو پاڪستان کي دهشتگردي جي ڪفيل رياست قرار ڏيڻ جو معاملو اٿاري رهيا آهن پر آمريڪين جي وڏي انگ پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي اتحادي طور تي ڏسي ٿو، پاڪستاني سفير ڳالهائڻ دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ تازين بهترين بابت چيو ته هن وقت ملڪ اقتصادي اڏام ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، هن چيو ته پاڪستان وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا سان اٽڪل دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *