پاڪستان مهانگائي سان متاثر ٿيندڙ دنيا جو اڪيلو ملڪ ناهي پر سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي: عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مهانگائي سان متاثر ٿيندڙ دنيا جو اڪيلو ملڪ ناهي پر سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ تبديلين لاءِ پاڪستان جو ڪو فعال ڪردار ناهي، پاڪستان رڳو انساني بنيادن تي طالبان حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو. هن چيو ته اسان جي حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي ته جيئن معاشي مسئلا حل ٿي سگهن، گڏيل عرب امارتن جو مثال اسان جي سامهون آهي، جنهن جي پيروي ڪري پاڪستان به معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته گوادر ۽ دبئي بندرگاهون معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار ڪري سگهن ٿيون، گوادر پورٽ کي هلندڙ سال مڪمل طور آپريشنل ڪيو ويندو، جنهن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر عارف علوي چيو ته سڄي دنيا جون معيشتون ڏکيائين ۾ آهن، مهانگائي رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ وڌي رهي آهي، پاڪستان مهانگائيءَ سان متاثر ٿيندڙ اڪيلو ملڪ ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *