پاڪستان ذمھ دار ايٽمي رياست آھي، ھٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نھ ٿيندو: نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي

اسلام آباد(م.ڊ)  نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) چيو آھي تھ پاڪستان ذمھ دار ايٽمي رياست آھي، ھٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نھ ٿيندو، وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ وفاقي وزير، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنھي فوجن جا سربراھھ ۽ ڊي جي آئي ايس آئي پڻ شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن جو ملڪ جي اسٽريجنگ اٽاٽن جي حفاظت يقيني بڻائن جي قدمن تي بھ اطمينان جو اظھار ڪيو، جاري ڪيل پڌرائي موجب خطي ۾ اسٽريجنگ ۽ روايتي ھٿيارن جي ڊوڙ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي، پاڪستان ايٽمي عدم ڦھلاءَ جي عالمي ڪوششن ۾ بامقصد ڪردار ادا ڪندو رھندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *