پاڪستان دهشتگردي ۽ فرقيواريت جهڙن چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فرقيواريت جهڙن چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال مان دشمن فائدو وٺي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگردي خلاف عسڪري ۽ سياسي قيادت متحد آهي، ڪنهن کي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته قوم کي بدعنواني خلاف جهاد ڪرڻو پوندو، ڪراچي سانحي جهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دشمنن خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل آهي، امن خراب ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو. صدر ممون حسين چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي،جڏهن اهڙي صورتحال ۾ دشمن وڏو فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *