پاڪستان داعش طرفان نام نهاد خلافت جي دعويٰ کي رد ڪري ٿو: مسعود خان

نيو يارڪ(اي پي پي) پاڪستان فلسطينين ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين ۾ تعطل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن واري اداري جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته اهي واضح طور تي امن جي راهه هموار ڪندڙ ٺهراءُ آڻڻ لاءِ ڪم ڪن. عالمي تهذيب کي محفوظ رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي داعش کي روڪڻو پوندو، پاڪستان داعش طرفان نام نهاد خلافت جي دعويٰ کي رد ڪري ٿو مسعود خان چيو ته پاڪستان  داعش جي دهشتگرد ڪارروائين جي مذمت ڪري ٿو، مسعود خان چيو ته شام ۾ جنگبندي ۽ سيسي عمل جي بحالي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. گڏيل قومن واري اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي مسعود خان وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته فلسطيني اٿارٽي ۽ اسرائيل وچ ۾ امن ڳالهين جي عدم موجودگي سبب اسرائيلين ۽ فلسطينين کي لڳاتار ڊپ ۽ جنگي صورتحال ۽ فلسطينين جي حقن جي خلاف ورزين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مسعود خان سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي خبردار ڪندي چيو ته ڪنهن به وقت وچ اوڀر ۾ تشدد ۽ تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري نيون امن ڪوششون شروع ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. هن اسرائيل طرفان فلسطيني اٿارٽي جو روڪيل ٽيڪس فوري جاري ڪرڻ سميت ٻين شروعاتي قدمن تي زور ڀريو ۽ چيو ته اسرائيل کي فلسطين جو گهيرو فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي غزه جي نئين سر تعمير لاءِ عطيا ڏيڻ جا پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ برطانيه، آئر لينڊ ۽ سوئيڊن سميت گهڻي ڀاڱي ملڪ فلسطين کي ڌار ملڪ طور مڃي رهيا آهن، ان اڳڀرائي باوجود سلامتي ڪائونسل متفق ٿيل دائري تي ٻڌل ٺهراءُ منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ به هن وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث ۾ حصو ورتو هو پر هن وقت به اهو مسئلو حل طلب آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن واري اداري ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو مسعود خان پنهنجو عهدو ڇڏڻ وارو آهي جڏهن ته هاڻي سندس جاءِ تي مليحه لوڌي گڏيل قومن واري اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جي حيثيت سان پنهنجو عهدو سنڀاليندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *