پاڪستان آذربائيجان لاڳاپا گڏيل تاريخي ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن: عارف علوي/صادق سنجراڻي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي سان آذربائيجان جي اسپيڪر، پروفيسر صاحبه غفارووا ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي صدر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان واپار دفاع ثقافت ۽ سياهت ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو ٻئي ملڪ مذهب، قدرن، ثقافت، علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي گڏيل خيال جا مالڪ اهي صدر ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لا3 اعليٰ سطح تي سياسي، ثقافي ۽ معاشي وفدن جي ڏي وٺ تي زور ڏنو صاحبا غفارووا چيو ته اقتصادي، سياسي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته آذربائيجان جي عوام ۽ سياسي قيادت نگورنوڪاراباخ تي حمايت لاءِ پاڪستان جا ٿورائتا آهيون آذربائيجان ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندو رهندو.  ٻئي طرف  سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي اسپيڪر جي پارليميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جمعي تي سينيٽ جي چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر ۽ وفد کي ڀليڪار چيو چيئرمين سينيٽ ڳالهائيندي چيو ته وفد جو دورو پاڪستان لاءِ اهم آهي هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان لاڳاپا گڏيل تاريخي ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن سينيٽ جي چيئرمين وفد جو اقتصادي تعاون تنظيم جي پارليماني اسيمبلي جي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت تي شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ ڀروسي تي آهن هن چيو ته سينيٽ چيئرمين چيو ته وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي، واپاري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطا ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندا هن چيو ته پارليماني دوستي گروپ کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي سخت ضرورت آهي هن چيو ته گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون واپار توانائي ۽ ٻي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان ٻطرفي تعاون کي اهميت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو هن چيو ته عالمي مسئلن ۽ اهم معاملن تي ٻنهي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي هن چيو ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان هن وقت ڪرونا وبا کي منهن ڏيئي رهيا آهن سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل حڪمت عملي تحت ئي وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو سينيٽ جي چيئرمين مٿين ايوان جي ڪردار ۽ ڪم جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪيو هن چيو ته آذربائيجان جي تعاون ۽ معاونت تي ٿورائتا آهيون هن چيو ته مستقبل ۾ به هي مثالي تعاون جاري رهندو ملاقات ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽر فدا محمد، دلاور خان، نزحت صداقت، رخسانه زبيري، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، سيڪريٽري سينيٽ محمد قاسم صمد خان به ملاقات ۾ موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *