پاڪستاني ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ جا 6 رانديگر به شامل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) راندين، صنعتن ۽ نوجوانن جي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار محمد بخش مهر چيو آهي ته پاڪستاني ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم راندين واري کاتي جي سهڪار سان ايشيا ڪپ 2019 لاءِ نيپال جي شهر کٽمنڊو پهچي وئي آهي، اميد آهي ته ٽيم ڪاميابي ماڻي ملڪ جو نالو روشن ڪندي.پنهنجي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد بخش مهر چيو مون کي خوشي آھي ته ٽيم ۾ 6 سنڌ جا رانديگر به شامل ڪيا ويا آھن ۽ ٽيم جي ڪپتاني به سنڌ جي حصي ۾ آئي آھي.سندس چوڻ هو ته رانديگرن جي حوصلاافزائي لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *