پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات مشرف جي حمايت ۾ خاموشي ختم ڪري ڇڏي

 

لاهور: (شوبز نيوز) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي تازي وڊيو بيان کان پوءِ اداڪاره مهوش حيات ان سان همدردي جو اظهار ڪندي ان جي موقف جي  حمايت ڪئي آهي.سماجي رابطي جي ويب  ٽوئٽر تي مهوش حيات پرويز مشرف جي وڊيو شيئر ڪندي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته هڪ لمحي لاءِ سياست کي هڪ طرف رکون ٿا هي شخص اسان جو صدر هو جنهن هر مشڪل وقت ۾ اسان جي  رهنمائي ڪئي. اسان چاهي کيس پسند ڪريون يا  ان سان نفرتون ڪريو پر هي پنهنجي بچاءُ ۾ ڳالهائڻ جو حق رکي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ هن کي اها عزت ته ڏئي سگهون ٿا.اداڪاره وڌيڪ چيو ته ڇا قانون ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين ڪنهن به ڏوهاري کي بي گناهه قرار نٿو ڏئي.  مهوش حيات جي ان ٽوئٽ تي مداحن طرفان پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. هڪ صارف پنهنجو رد عمل ڏيندي  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تصوير شيئر ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته هي به 5 سال صدر رهيو آهي، ٻنهي سان همدردي ڪريو يا ڪنهن کي به معاف نه ڪريو.ان صارف جو جواب ڏيندي مهوش حيات لکيو آهي ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي مان صرف  اهو چئي رهي آهيان ته هن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻڌڻ جو هڪ موقعو ڏنو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن دبئي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ پرويز مشرف پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو هو ته عدالت ۾ منهنجي وڪيل سلمان صفدر کي نه پيو ٻڌو وڃي.منهنجي ٻڌڻي نه پئي ٿئي.  هن اهو به چيو ته انصاف جا تقاضا پورا نه پيا ڪيا وڃن. اسان سان زيادتي ٿي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ڪميشن جي ڳالهه ته ٻڌي وڃي اميد آهي ته مون کي عدالت مان انصاف ملندو. غداري ڪيس منهنجي خلاف بي بنياد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *