پانامه عملدرآمد ڪيس، ٻڌڻي مڪمل، فيصلو محفوظ، وزير اعظم جي نااهلي جو جائزو وٺڻ جي گارنٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، جڏهنم ته ججن رمارڪس ڏنا ته اسان پهريان نااهلي جي معاملي کي ڏسي رهيا آهيون گارنٽي ڏيون ٿا ته نااهلي جي معاملو غور هيٺ آڻينداسين، فيصلي کان پوئتي نه هٽنداسين، آئين ۽ قانون کان ٻاهر نه وينداسين، آئين جا آرٽيڪل اسانجي اکين جي اڳيان آهي ڪوبه اهڙو فيصلو نه ڪنداسين جنهن سان ڪنهن جي بنيادي آئيني حقن کي ماريو وڃي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بنچ پاناما عملدرآمد ڪيس جي جمعي تي مسلسل پنجي ٻڌڻي ڪئي. وزيراعظم جي وڪيل وزيراعظم جي پٽ حسين، حسين ۽ نياڻي مريم نواز جي وڪيل سلمان اڪرم، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، جڏهن ته پي ٽي آئي جي نعيم بخاري، جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف، عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد احمد جواب پيش ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل راڻا وقار ۽ نيب پاران اڪبرتارڙ به  پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو، سمورن ڌرين پاران دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻڌڻي مڪمل ڪندي پاناما ڪيس جو فيصل محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران شريف خاندان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته گذڙيل ڏينهن جي ٻڌڻي ۾ نيلسن ۽ نيسڪول ٽرشت ڊيڊ تي ڳالهه ٻول ٿي هئي. عدالت جا رمارڪس هيا ته اهو جعلسازي جو ڪيس آهي ۽ انهيءِ حوالي سان مان چيو هيو ته ان جي وضاحت ٿيندي، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته اهو ته اسان به ڏسي سگھون ٿا ته صحيح ڪيئن مختلف آهي، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته اڪرم شيخ چيو آهي ته غلطي سان اهي صفحا لڳي ويا، اها صرف هڪ ڪلريڪل غلطي هئي. اڪرم شيخ جي چيمبر کان ڪيل ڪنهن به صورت ۾ جعلي دستاويز ڏيڻ جي نيت نه هئي. ماهرن غلطي وارا دستاويزن جو جائزو ورتو  جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته مسئلو صرف فونٽ جو رهجي ويو، جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ٻيو معاملو موڪل جي ڏينهن نوٽري تصديق جو آهي، لنڊن ۾ ڪيترائي سوليسٽر ڇنڇر پر آچر تي به کلندا آهن جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏنا ته حسين نواز کان پڇيو ته موڪل جي ڏينهن ملاقات ٿي سگھي ٿي، ته هن چيو ته موڪل جي ڏينهن ملاقات نه ٿي سگھي، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته عام سوال ڪيو وڃي ته جواب مختلف هوندو، خاص سوال نه ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي آئي ٽي رپورٽ جو واليم 10 به گھرايو، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته 10 واليم ۾ جي آئي ٽي جي خطن جي تفصيل هوندي ۽ ان مان ڪيتريون ئي شيون پڌريون ٿينديون، جنهن کان پوءِ جي آئي ٽي رپورت جو واليم 10 پيش ٿيو، ان جي عدالت ۾ سيل کولي وئي عدالت واليم 10 جو جائزو ورتو، جڏهن ته جسٽس عظمت سعيد چيو ته خواجا صاحب هي واليم توهان جي درخواست تي کوليو پيو وڃي. جسٽس اعجازالحسن رمارڪس ڏنا ته ڇا دستاويزن ۾ واسطيدار نوٽري پبلڪ جي تفصيل آهي؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته حسين نواز جو اڪثر سوليسٽر سان رابطو رهندو آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته حسين نواز نه چيو ته ان جو رابطو سوليسٽر سان رهندو آهي. ان دستاويزن تي ڪنهن جي به صحيح نه آهي گذريل ڏينهن عدالت کي بي وي آئي جو 16 جون وارو خط مليو آهي. جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏنا ته اڄ سلمان اڪرم راجا سٺي تياري ڪئي آهي، عدالت خواجا آصف واليم 10 جو خاص دستاويز پڙهڻ لاءِ ڏنو، جڏهن عدالت پاران رمارڪس ڏنا ويا ته اڃان واليم 10 ڪنهن کي به نه ڏيکارنيداسين جج چيو ته 23 جون جي آئي ٽي خط لکيو ،جواب ۾ اٽارني جنرل بي وي آئي خط لکيو جج چيو ته ڇا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ٿا ته رفرنس نيب ڏانهن موڪليو وڃي، جنهن تي وڪيل چيو ته  ڪيس وڌيڪ جاچ جو آهي. خطن کي بطور شاهدين جي پيش ڪري سگھجي ٿو پر تسليم نه  ٿو ڪري سگھجي، جنهن تي جج چيو ته شآهدين کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٽرائيل ڪورٽ جو ڪم آهي، جج چيو ته پڇيو  هيو ته ڇا قطري شهزادو شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار آهي جنهن تي وڪيل چيو ته قطري پاران ڪجھه نه ٿو چئي سگھان، وڪيل چيو ته عدالت چيو هو ته قطري جي آئي ٽي جي اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو، مان سمورن قطري خطن جو جائزو ورتو جنهن تي جج چيو ته گذريل ڏينهن جسٽس عظمت سعيد پڇيو هو ته ڇا اڄ قطري پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي وڪيل چيو ته قطري کي ويڊيو لنڪ جي آڇ نه ڪئي هئي. هن پنهنجي دليلن ۾ ٻڌايو ته سال 2007 تائين حسين ۽ حسن کي  سرمايو هن جي ڏاڏي ڏيندو رهيو ، جيڪڏهن پٽ اثاثا ثابت نه ڪري سگھيو ته ذميواري والدين تي نه ٿي اچي سگھي جنهن تي جج چيو ته عوامي عهدو رکندڙ جي آمدني اثاثن موجب نه هجي ته ڇا ٿيندو، پبلڪ آفيس هولڊر اسيمبلي ۾ اهو چيو آهي ته هو اهي ذريعا جن سان فليٽ خريد ڪيا هئا، جنهن کان پوءِ وزيراعظم ڪجھه شڪي دستاويز اسپيڪر کي ڏنا، اسان هڪ سال ان دستاويزن جو انتظآر ڪري رهيا آهيون، هتي معاملو عوامي عهدو رکڻ واري جو آهي، هو پنهنجي عهدي سبب جوابدار آهي، جج چيو ته عوامي عهدو رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ قوم سان خطاب ڪيو هو. چيو هيو ته ٻارن جي ڪاروبار جا سمورا ثبوت موجود آهن، ۽ اسان هڪ سال تائين انهن ثبوتن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جج چيو ته مريم نواز جي ڪمپينن جو بينيفشل مالڪ هجڻ ڪيپٽن صفدر جي گوشوارن ۾ ظاهر نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي ته گوشوارن ۾ ملڪيت جو ذڪر نه آهي عوامي نمائندگي ايڪٽ لاڳو ٿيندو، جنهن تي وڪيل چيو ته عوامي نمائندگي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ باقاعدا قانوني عمل درڪار هوندو. جج چيو ته اهو دٻو هاڻي سڄو ڏينهن ٽي وي جي زينت بڻبو جنهن تي طارق حسن چيو ته ٻڌو آهي ته جي آئي ٽي به اهڙا ئي دٻاپيش ڪيا جنهن تي جج چيو ته ڇا توهان به شاهدين جا دٻا ڏئي جي آئي ٽي جي پيروي ڪري رهيا آهيو، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪو مچي ويو، جج چيو ته جي آئي ٽِي اثاثن ۾ واڌ جو چيو ناڻي وارو وزير جواب نه ڏنو ان مان لڳي ٿو اسحآق ڊار جي خلاف ڪاروائي شروع ٿي وڃي، حديبيا پيپر مل ۾ توهان شامل هيا ان ڪيس جي خارج ٿيڻ کي تسليم ڪيون ته به اسحاق ڊار جي خلاف ڪافي مواد آهي. جج چيو ته اڄ اسحاق ڊار جو ٽيڪس رڪارڊ موجود آهي ، جنهن تي وڪيل چيو ته جي آئي ٽي مڪمل بدنيتي ظاهر ڪئي، ٽن ذريعن مان اهو رڪارڊ گڏ ڪيو جنهن تي جج چيو ته اثاثآ پنجن سالن ۾ 9 ملين مان وڌي 835 ملين ٿي ويا، ٻڌايو ته شيخ الميهان ڪهڙين شرطن تي اسحاق ڊار سان معاهدو ڪيو جنهن تي طارق حسن چيو ته اسحاق ڊآر صرف سياستدان نه پر پروفيشنل اڪائونٽنٽ به آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٻه لک ڪمايا ۽ ٻاهر وڃي ڪمائي 10 وڌيڪ وڌي وڃي ته ان ۾ ڪهڙي شئي غلط آهي. جج چيو ته جيڪڏهن توهان صرف ٻه لک ساليانو ن ڪمايو ٿا ته پوءِ پيشو ڇڏي ڏيو. جنهن تي وڪيل چيو ته سياسيت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترائي دفعا اسحاق ڊار جي اڪائونٽ جي جاچ ڪئي وئي پر ان جي خلاف ڪجھه نه نڪتو، وڪيل اسحاق ڊار جي ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي ڊگھا دليل شروع ڪيا جج روڪيندي رمارڪس ڏنا ته توهان ڇاٿا چاهيو ته هيءِ ٻڌڻي هميشا لاءِ هلندي رهي، وڪيل چيو ته رڪارڊ کان بنا جي آئي ٽي ڪيئن اسحاق ڊار جي خلاف ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھي ٿي، هروڀرو احتساب ڻ گھلڻ قبول نه آهي، جنهن تي  جج چيو ته جيڪڏهن اها ڊرامائي ڪهاڻي آهي ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته ڪهاڻي ڊرامي وانگر ختم ٿي وڃي، جيڪو لکت ۾ جواب توهان ڏنو آهي ته يقين رکو ته انجو جائزو ورتو ويندو، لکت ۾ جواب کان هٽي دليل آهن ته ڏيو اسان ٻڌنداسين. جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسحاق ڊآر پرڏيهه ڪمپني مان پيءُ کي پيسا موڪليندو رهيو، انجو پنهنجي پٽ کان پيسا وٺڻ ٽيڪس بچائڻ هيو، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ڇا توهان ماضي وانگر  شريف خاندان  لاءِ ٻيهر گواهه بڻجڻ چاهيو ٿا، جج چيو ته اسحاق ڊآر جي اڪائونٽ ۾ 800 ملين جي واڌ ٿي اسحاق ڊار پٽ ڪمپني هل ميٽر جا فنڊ ڏنا، پٽ اهائي رقم پيءَ کي تحفي ۾ موڪلي، جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته مسٽر طارق حسن گھٽ ۾ گھٽ توهان ته پنهنجي موڪل سان انصاف ڪيو. توهان انصاف ڪيو ۽اسانکي به اسحاق ڊار سان انصاف ڪرڻ ڏيو.  جج چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ڇا اسان اهو چئون ته توهان دليل ٻڌي اطمينان ٿئي ٻئي ڌريون ٻڌي ڇڏيو ته هن ڪيس ۾ اسان قانون کان ٻاهر نه وينداسين، سڀني جي بنيادي حقن جو حساب آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڌريون هڪ ٻئي تي گھٽ وڌ چونديون رهن ٿيون، اسانکي ڪجھه به نه چيو وڃي ته ڪيس ختم ٿي ويندو اوهان هليا ويندئو پر اسانجو ڪم جاري رهندو، تمام گھڻي تفصيل ڏيڻ به ڪيس کي  تباهه ڪري ڇڏيندي آهي، اسحاق ڊار جي وڪيل به دليل مڪمل ڪري ورتا. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چوڌري اڪبر تارڙ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نيب حديبيا ڪيس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هائي ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين جنهن تي جج چيو ته توهان سوچي ڇڏيو ته اها سوچ لکت جي شڪل ۾ ڪڏهن ايندي. جنهن تي چوڌري اڪبر تارڙ دليل مڪمل ڪندي چيو ته هڪ هفتي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين، پي ٽي آئي جي وڪيل جواب ۾ چيو ته ثابت ٿي ويو آهي وزيراعظم سچو نه آهي ايف زيڊ اي ڪمپني کي وزيراعظم ظاهر نه ڪيو، ڪمپني جو چيرمين هجڻ ۽ پگھار وصولي ظاهر نه ڪئي وئي، جنهن تي جج چيو ته ان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پگھار نه ورتي جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته پگھار وٺڻ ۽ نه وٺڻ جا اثر جدا جدا هوندا آهن. نعيم بخاري دليل مڪمل ڪندي چيو ته منهنجي خيال وزيراعّظم عهدي تي رهن جي قابل نه رهيو آهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراه شيخ رشيد چيو ته عظيم ججن جي اڳيان پيش ٿيو آهيان، جي آئي ٽي سپر سڪس ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان رهڻ جي قابل ملڪ آهي، قومن جي تقدير تبديل ڪرڻ نه آهي، اهڙن ماڻهن کي چونڊيو ويندو آهي عدالت قطري سيڙپڪاري جو پڇيو جواب نه آيو، شريف خاندان 13 سالن جا جواب نه ڏنا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي مٺايون ورهايون لڳي ٿو ته مون وانگر انهن جي انگريزي به ڪمزور آهي جي آئي ٽي وارن کي  وزراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي تقرير ۾ ڌمڪايو آهي وزيراعظم گذريل ڏينهن جي آئي ٽي بابت لفظ استعمال ڪري عدالت جي توهين ڪئي. ايگامون وٺندي وقت دبئي وارن کي نه ٻڌايو ويو ته مان پاڪستان جو وزيراعظم آهيان اڄ دٻو کڻي آيان آهن مان اهڙي دٻي ۾ چندو وجھندو آهيان مني ٽرائيل گھري گھري عدالت ٿڪجي پئي آهي. ايترو به چيو ويو ته آڻيو مني ٽرائيل آڻيو، ڪلين چٽ ڏيو ايترو به چيو ته مني ٽرائيل آڻيو جيڪڏهن انهن کي ايگامون پسند آهي ته هليا وڃن، اسانجي جان ڇڏين، وزيراعظم مارڪيٽنگ مينجر آهي لڳي ٿو ته خط وجھڻ جي عادت ٿي وئي آهي . منهنجو ڪيس 62، 63 جو آهي. مان نمازن ۾ دعا گھرندو آهيان ته يا الله شيخ عظمت سعيد بيمار نه ٿي وڃي. شيخ رشيد دليل مڪمل ڪندي چيو ته نوازشريف مني لانڊرنگ، ڪسٽم ايڪٽ، فارئين ايڪٽ ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ ڪنٽرول هيٺ هنيو وڃي، جنهن تي جج چيو ته ڪئي ته شيخ صاحب توهان ڪٿي موٽر وهيل ايڪٽ نه لڳائي ڇڏيو. جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف جواب ۾ چيو ته جي آئي ٽي جي سفارش کانپوءِ سمورا شڪ شعبا ختم ٿي ويا آهن، عدالت نوازشريف جي نااهلي جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جوحڪم آهي اهو  حڪم نه ورتو نه وٺنداسين اسان پهريان ئي نااهلي جي معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته گارنٽي ڏيون ته نااهلي جو معاملو غور هيٺ آڻينداسين ان کانپوءِ سمورن ڌرين جا دليل مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ عدالت تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *