پاناما ليڪس معاملو ختم نه پر شروع ٿيو آهي، قائد اعظم 1948 ۾ 4 هزار ۽ نواز شريف 1992 ۾ 27 سئو رپيا ٽيڪس ڏنو: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ته قائد اعظم 1939ع ۾ چار هزار چار سئو اوڻاسي رپيا ٽيڪس ڏنو جڏهن ته نواز شريف 1992ع ۾ 27 سئو، 1994 ۾ رڳو 4 هزار، 1995ع ۾ هڪ رپيو به نه ڏنو جڏهن ته 1996 ۾ 50 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو. نواز شريف 14 سالن ۾ 6 لک رپيا ٽيڪس ڏنو جڏهن ته 12 ڪمپنين 23 سالن ۾ هڪ ارب رپيا ٽيڪس ڏنو. ڇا قائد اعظم جي به ڪا آف شور ڪمپني هئي؟ هن چيو ته گذريل سوال آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ها ۽ جواب نه ملڻ تي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر وري وري پاناما ليڪس جو پڇندي رهي، وزير اعظم جي نه اچڻ تي احتجاج جو شروع ٿيو جنهن تي ڪفر ٽٽو خدا خدا ڪري ۽ وزير اعظم اسيمبلي ۾ آيو پر سوالن جا جواب نه ڏنا. هن چيو ته هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته پارليامينٽ ئي مسئلن جو حل ڪڍي ڇو ته پارليامينٽ 20 عوام جي نمائندن جو فورم آهي. هن چيو اسان ڄاڻون ٿا ته مسئلا روڊن نه پر پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيندا آهن ان ڪري وزير اعظم کي چيو ته هتي اچي ۽ ڳالهائي. اسان جو موقف اڄ به اهو ئي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي پٽن ڪڏهن به پاناما ليڪس جو اعتراف نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ترديد ڪئي. آف شور ڪمپني تي الڳ الڳ بيان سامهون آيا. فليٽن جو پيسو ڪٿان آيو ان تي متضاد بيان سامهون آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *