ووٽ عوام ڏيندو آهي، حڪومت ڪو ٻيو ڪيرائي ڇڏي ٿو، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

بهاولپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ووٽ عوام ڏيندو آهي، حڪومت ڪو ٻيو ڪيرائي ڇڏي ٿو، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. نيب جا اهلڪار سرڪاري آفيسرن جي آفيسن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي کينڌمڪائي رهيا آهن، بنا ڪنهن تصديق جي ڪنهن کي به تنگ نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن نيب چيئرمين معاملي جو نوٽيس نه ورتو ته  حڪومت ڪارروائي جو حق رکي ٿي. باولپور ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته نيب انتهائي اهم ادارو آهي، ان کي پنهنجو ڪم صحيح نموني   ۽ ذميواري سان ڪرڻ گهرجي. هـُن چيو ته شڪايتون مليون آهن ته نيب جا آفيسر معصوم ماڻهن جي گهرن ۾ داخل کين ڌمڪائين ٿا،سرڪاري آفيسرن کي ڊيڄارڻ يا ڌمڪائڻ ٺيڪ نه آهي، ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته نيب جي اهلڪارن ڌمڪائڻ سبب سرڪاري آفيسر فيصلا ڏيڻ کان ڊڄن ٿا، جيڪڏهن نيب چيئرمين نوٽيس نه ورتو ته حڪومت ان معاملي تي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هـُن چيو ته نيب کي ماڻهن جي عزت سان نه کيڏڻ گهرجي، بنا ڪيسز جي ڪنهن کي ڌمڪائڻ صحيح عمل ناهي، نيب پاران غلط ڪيسن ۾ ماڻهن تي هٿ وڌا ويا آهن، اهي غلط ۽ صحيح جو فرق ئي نٿا ڪن.  ماضي جي حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ماضي جي حڪومتن بجلي بحران ختم ڪرڻ سميت عوامي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا، ان سوال جو جواب عوام کي ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ن ليگ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد پرويز مشرف پنهنجي 7 نقاطي ايجنڊا ڏني پر ان جي 8 سالن واري دور ۾ اها ايجنڊا ڪٿي به نظر نه آئي، پيپلزپارٽي جي حڪومت به بجلي بحران ختم ڪري سگهي ٿي پر ان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني ڏٺو ۽ ڀوڳيو. نواز شريف چيو ته هـُو ڪوڙ جي سياست تي يقين نٿو رکي پر اڄڪلهه اهڙا سياستدان پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ڳالهائيندا ئي ناهن، اهڙي سياست جلد بي نقاب ٿي ويندي آهي ۽ عوام به اهڙن سياستدانن کي سمجهي ويو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي منشور ۾ بجلي بحران 6 مهينا يا هڪ سال ۾ ختم ڪرڻ جي دعويٰ نه هئي، هـُن سچ ڳالهايو، تنهن ڪري کيس ووٽ مليا ۽ حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت جو موقعو مليو، پنهنجي حڪومتي دور ۾ بجلي بحران جو خاتمو آندو ويندو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته هڪڙو نيپرا، پيپرا ۽ نه ڄاڻ ڪيترا ادارا آهن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، هاڻي پاڪستان سان راند ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪا حڪومت ڪم ڪري پئي، ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *