وومينز ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ آسٽريليا ۽ ڀارت آمهون سامهون

ڊربي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جي ٻي سيمي فائنل ميچ اڄ خميس ڏينهن آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ڊربي ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ ۾ جاري وومينز ورلڊ ڪپ جا مقابلا پڄاڻي تي پهچڻ وارا آهن، جنهن جي ٻي سيمي فائنل ميچ اڄ کيڏي ويندي. ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڀارت سان ڊربي جي ميدان تي مقابلو ڪندي. واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ ٽائيٽل جو بچاءُ ڪري رهي آهي. وومينز ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ 23 جولاءِ تي لارڊز، لنڊن ۾ کيڏي ويندي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *