وفاقي گهرو وزارت پاران هٿيارن جي لائسنس بابت جلد نئين پاليسي جوڙڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير نثار علي خان چيو آهي ته جي آءِ ٽي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪري ورتي، گرفتار شخص بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي، چونڊن ڌانڌلين جو فيصلو نادرا يا ٻئي ڪنهن اداري کي ناهي ڪرڻو، نادرا جي رپورٽ ۾ خامي آهي ته ڪڍي وڃي، ايگزيڪيوٽو ڪنٽرول لسٽ بابت ڪجهه نون قانون جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، مشاورت کانپوءِ 4 کان 6 هفتن ۾ رائج ڪيو ويندو، بلٽ پروف گاڏين بابت قانون به هڪ مهيني ۾ جوڙيو ويندو، هٿيارن جا سمورا لائسنس 31 ڊسمبر تائين توثيق ڪرايا وڃن نه 31 جنوري کان اهي رد سمجهيا ويندا، 25 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن کي اصلحو لائسنس جاري نه ڪيو ويندو، ايگزڪيوٽو ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو عدالت ۽ جاچ ادارن جي سفارشن تي وڌو ويندو، آچر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان گرفتار شخص بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي، ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، چونڊ ڌانڌلين جو فيصلو نادرا يا ڪنهن ٻئي اداري کي ناهي ڪرڻو، نادرا جي رپورٽ ۾ خامي آهي ته ڪڍي وڃي، ڪجهه ماڻهن وڏيون رڙيون ڪيون هنيون ۽ شروع ڪري رهيا هئا ته نادرا جي چيئرمين تي سرڪاري جو دٻاءُ آهي، جيڪڏهن 93 هزار ووٽن جي تصديق ناهي ٿي سگهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي جعلي آهن پر تصديق نه ٿيندڙ آڱوٺن جا سڃاڻپ ڪارڊ صحيح آهن، وفاقي گهرو وزير سيڪيورٽي بابت چئين پاليسن جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ ايگزڪيوٽو ڪنٽرول لسٽ، هٿيارن جا لائسنس، بلٽ پروف گاڏيون ۽ سيڪيورٽي ايجنسيون شامل آهن. هن چيو ته هن وقت 7500 سئو پاڪستانين جا نالا اي سي ايل ۾ آهن ۽ ڪيترائي نالا گذريل سالن کان اي سي ايل ۾ آهن، جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ڪو به نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٺهندڙ بلٽ پروف گاڏيون لائسنس تحت ٺهڻ گهرجن ۽ بلٽ پروف گاڏيون دهشتگردن ۽ ڏوهارين وٽ نه هجن، هن چيو ته سيڪيورٽي ايجنسين ۾ ڀرتي لاءِ ڪليئرنس هئڻ گهرجي ۽ انهن جي سال ۾ هڪ ڀيرو تربيت ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *