وفاقي حڪومت جو ڪراچي دهشتگردي معاملو سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا اڳيان اٿارڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا جي ڌرتي جو ڪراچي ۾ قتل ۽ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ ڳڻتي جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي چٽن ثبوت سان اهو معاملو اٿاريو ويندو، اربع تي گهرو وزير چوڌري نثار علي سان ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ان کي رينجرز پاران گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا ۾ موجود نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ جوابدارن جي گرفتارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني، گهرو وزير ڪراچي ۾ امن جي قيام ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ماڻهن جي حوالي سان رينجرز سنڌ جي ڪاڪردگي جي تعريف ڪندي ڊي جي رينجز کي ان سلسلي ۾ ريفرنس گهرو وزارت کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي روشني ۾ معاملو سائوٿ آفريڪا ۽ برطانيا جي اڳيان اٿاريو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن سان چٽن ثبوت سان اهو معاملو اٿاريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *