اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم کي مليل سمورا تحفا توشا خانھ ۾ جمع ڪريا ويندا آھن ، اھڙن خيالن جو اظھار وزير اعظم جي صلاحڪار شهباز گل ڪيو آھي، سندس چوڻ ھو تھ جيڪڏھن ڪو تحفو رکڻو ھجي تھ رقم خزاني ۾ جمع ڪئي ويندي آھي، ماضي ۾ تحفي لاءِ رقم جو 15 سيڪڙو تائين جمع ڪيو ويندو ھو پر پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ تحفي جي رقم جو 50 سيڪڙو جمع ٿئي ٿو، ماضي وانگر تحفا غائب نٿا ٿين.