وزيراعظم يا وڏي وزير جي ڪميشن يا عدالتي ڪميشن جوڙڻ تي پابندي لاڳو

لاهور (اين اين آءِ) زينب قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار گرفتار جوابدار عمران جي 37 بئنڪ اڪائونٽس واري دعوا ڪندڙ اينڪر پرسن پاران ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نئين جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا رڳو اينڪر پاران لڳايل الزامن جي جاچ ڪندي جڏهن ته چيف جسٽس آئنده ڪنهن به معاملي ۾ ڪميشن يا جڊيشل ڪميشن بنائڻ تي پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وڏا وزير ان لاءِ درخواست نه ڪن، چيف جسٽس زينب جي والد ۽ وڪيل تي ميڊيا ۾ بيان ڏيڻ يا پريس ڪانفرنس تي پابندي مڙهيندي جي آءِ ٽي جي جاچ عمل ۾ اڳڀرائي جي هدايت به ڪئي. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کي زينب جي گهرڀاتين کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته زينب اسان جي به نياڻي آهي ڪيس کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين گذريل ڏينهن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس منظور اي ملڪ ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ زنيب قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي پنجاب عارف نواز، جي آءِ ٽي سربراهه محمد ادريس، چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد سعيد، اٽارني جنرل اشتر اوصاف ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شڪيل الرحمان، ڊي جي فرانزڪ سائنس ايجنسي ڊاڪٽر اشرف طاهر سميت ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا. زينب جو والد امين انصاري ۽ ٻين ٻارڙن جا وارث به سپريم ڪورٽ ۾ لاهور رجسٽري ۾ پهتا، فاضل عدالت جي حڪم تي معاوت لاءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن، آل پيپر نيوز پيپر ايسوسيئيشن جا عهديدار، ميڊيا جا مالڪ ۽ سينئر صحافي به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. فاضل عدالت جي گهرائڻ تي گرفتار جوابدار عمران جي 37 بئنڪ اڪائونٽس جي دعويٰ ڪندڙ خانگي ٽي وي جو اينڪر پرسن شاهد مسعود عدالت ۾ پيش ٿيو چيف جسٽس جوابدار جي بئنڪ اڪائونٽس جي دعويٰ ڪندر اينڪر کي چيو ته جوابدار جا بئنڪ اڪائونٽس ثابت ڪريو جڏهن ته هو عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جي جاچ کان پاسو ڪريو چيف جسٽس اينڪر پرسن کي چيو ته جيڪو ڪجهه اوهان چيو اهو ثابت به ڪرڻو آهي، رات جو اوهان جو پروگرام ڏٺو ته فوري نوٽس ورتو ته جيئن ايترن الزامن کانپُوءِ جوابدار کي قتل نه ڪيو وڃي. پنهنجي دعوائن جا ثبوت پيش ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر شاهد مسعود زينب ڪيس جي جاچ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو هن چيو ته اوهان جي آءِ ٽي کان پڇا ڪيو ته جوابدار ٻارڙي کي ڪٿي رهايو، قصور مان پورنو گرافي جون ٽي سئو ويڊيوز منظر عام  تي اچي چڪيون آهن ٻارڙي تي تشدد ڪيو ويو، اجتماعي زيادتي ڪئي وئي پر هڪ ئي جوابدار کي شامل ڪيو ويو، هي ان گينگ کي بچائڻ چاهين ٿا جنهن کي هنن پاليو آهي جيڪڏهن منهنجي ڳالهه تي يقين نه آهي ته مان هليو وڃان ٿو چيف جسٽس اڻ لاڳاپيل ڳالهيون ڪرڻ تي اينڪر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اوهان مفروضن تي ڳالهائي رهيو آهي هي جاچ ۽ پراسيڪيوشن جو معاملو آهي اوهان جن اڪائونٽن جي ڳالهه ڪئي انهن جو ڪو به وجود ناهي اوهان شهادت تي اعتراض ڪري رهيا آهيو پنهنجي الزامن تي رهو ۽ پنهنجي موقف تي حد تائين ڳالهايو ۽ اهڙي ڳالهه نه ڪريو جنهن سان جاچ تي اثر پوي اوهان کي اندازو ناهي ته اوهان جا اهڙا الزام جاچ جو رخ تبديل ڪري سگهن ٿا اسان اوهان کي وڃڻ نه ڏينداسين هاڻي اسان پنهنجي جي آءِ ٽِي بڻائي رهيا آهيون جيڪو ڪجهه اوهان ٻڌايو اهو توهان ثابت نه ڪري سگهيا هاڻي اوهان نئين جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو شاهد مسعود چيو ته مون کي ڳالهائڻ نه ڏيندو ته مان هليو وڃان ٿو چيف جسٽس چيو ته ائين نه هلندو، اسان اوهان کي وڃڻ نه ڏينداسين ثبوت پيش ڪرڻ تائين اوهان هتان نه ٿا وڃي سگهو شاهد مسعود چيو ته مان رائو انوار وانگر خانگي جهاز تي فرار ٿي ويندس. چيف جسٽس چيو ته ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏينداسين. جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته اوهان کي بهترين صحافي جو اعزاز ملندو شان سان سرٽيفڪيٽ ڏينداسين، الزام ثابت نه ڪيو ته اوهان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيندي، ڪيس جي جاچ ڪرڻ اوهان جو ڪم ناهي جاچ ٽيم جو ڪم آهي. شاهد مسعود چيو ته مون کي ڪجهه وقت گهرجي ته چيف جسٽس چيو ته رات 8 وڳي تائين ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي اوهان تيستائين ثبوت پيش ڪيو اوهان جي ڳالهه غلط ثابت ٿي ته توهين عدالت جي سزا ڀوڳڻي پوندي اوهان جي خلاف دهشتگردي روڪٿام جا قلم شامل ٿيندا ۽ تعزيرات پاڪستان تحت ڪارروائي ٿيندي. جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان جا الزام ثابت ٿيا ته اوهان ٽاپ جا صحافي هوندا جيڪڏهن غلط الزام ثابت ٿيا ته اوهان سان اهو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو جيڪو اوهان سوچي به نه ٿا سگهو فاضل عدالت شاهد مسعود جي الزامن تي جاچ لاءِ ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ نئين جي آءِ ٽي قائم ڪئي جڏهن ته پهرين جي آءِ ٽي جاچ بابت پنهنجو الڳ ڪم ڪندي رهندي. چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي لاءِ ٻيا نالا به ڏينداسين ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر شاهد مسعود جي آءِ ٽي عدم اعتماد ڪندي چيو ته جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ بڻائي اوهان ان تي اعتراض نه ڪيو ڪو به جوڊيشل ڪميشن نه بڻبو پر جاچ ٿيندي جوڊيشل ڪميشن بڻائي معاملو لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو هاڻي اهو نه ٿيندو چيف جسٽس ڊاڪٽر شاهد مسعود کي نئين جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ڊاڪٽر شاهد مسعود جي دعوا کي غلط قرار ڏيندي عدالت کي ڄاڻ ڏني ته اسٽيٽ بئنڪ به پنهنجي رپورٽ ۾ جوابدار جي اڪائونٽن بابت دعوا کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي جي آءِ ٽي اينڪر پرسن کي طلب ڪيو پر هو بار بار نوٽيس جي باوجود پيش نه ٿيو چيف جسٽس وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي درخواست تي ڪميشن يا جڊيشل ڪميشن بنائڻ تي پابندي لاڳو ڪندي چيو ته اصل طريقو جاچ آهي جڊيشل ڪميشن بڻائي معاملن کي لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو سليم شهزاد ڪيس ۾ جڊيشل ڪميشن ٺهيو اڄ تائين ڪجهه نه نڪري سگهيو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *