وزيراعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، ايم ڪيو ايم بابت بي بي سي جي رپورٽ تي ويچار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم تي بي بي سي جي رپورٽ ۾ لڳايل الزامن جي جاچ جي سلسلي ۾ برطانيا سان رابطو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن  دوران پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به موجود هو، ملاقات دوران بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل سنگين الزامن جي جاچ، برطانيا سان رابطي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي حوالي سان جاچ ۾ اڳڀرائي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير ۾ ملاقات دوران ايم ڪيو ايم تي لڳل الزامن کي تمام گهڻو سنجيده قرار ڏيندي ان سلسلي ۾ جاچ لاءِ برطانيا سان رابطي ۽ لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ طارق فاطمي ان معاملي ۾ قانوني رخن بابت وزيراعظم نواز شريف کي تفصيل سان ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *