وزيراعظم جي استعيفيٰ سان جمهوريت کي ڪجهه نه ٿيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته پ پ پ  کي حڪومت نه پر جمهوريت گھرجي ۽ وزيراعظم جي استعيفا سان جمهوريت کي ڪجھه نه ٿيندو، خميس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاه چيو ته عدالتون سازشون نه ٿيون ڪري سگھن، ڀارت سازشون نه ٿو ڪري سگھي ڇو ته هو نوازشريف جو دوست آهي ان ڪري لڳي ٿو  ته نوازشريف جو اشارو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن آهي، نوازشريف جي آصف زرداري سان نارضگي آهي ته اهو فضل الرحمان کان ٻڌائي ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي اسان جمهوريت بچائڻ لاءِ سازش جي خلاف بيهنداسين. هن چيو آصف زرداري هٿڪڙين سان عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو، بينظير ڀٽو معصوم بارڙن سان عدالتن ۽ جيلن جا ڌڪا کائيندي رهي. ان وقت ڪنهن کي نياڻي جو احساس نه هيو. اسانجي نياڻي مريم نواز ڇو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي پهريان چيو ته منهنجو پراپرٽي سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ بعد ۾ چيو ته مان ٽرسٽي آهيان وقت اچڻ تي ثبوت ڏينديس، ان ڪري اهو معاملو ڪوڙ طرف وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اسحاق ڊار جھڙي صبر جھڙو مزاج رکندڙ ماڻهون سخت رويو  ڳڻتي جوڳو آهي، ان جي رويي مان  ظاهر ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪجھه ڪارو آهي، اهو معاملو ڄاڻي واڻي پيدا ڪيو پيو وڃي، حالتون ايتريون خراب آهن ته وزيراعظم کي ملڪ ۾ هجڻ گھرجي هان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *