هلندڙ سال پاڪستان وومين ڪرڪيٽ جي بهتري جو سال رهيو: ڪپتان بسمعه معروف

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف سال 2019 کي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ جي بهتري جو سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمعه معروف 2019 ۽ 2020 جي حوالي سان  ڳالهائيندي چيو ته هن سال پاڪستان وومين ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي ۽ راند ۾ به بهتري آئي آهي.بسمعه معروف چيو ته هي سلسلو گذريل سال شروع ٿيو هو ۽ ان ۾  اڃان به بهتري ايندي. ويسٽ انڊيز جي خلاف سيريز سان سال جي شروعات ٿي ۽ پنهنجي هوم  گرائونڊ تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچ به کٽيا. هن چيو ته سڀني کان وڌيڪ يادگار سيريز سائوٿ آفريڪا جي خلاف رهي ڇو ته سائوٿ آفريڪا جي زمين تي کيڏڻ آسان ناهي رهيو. وڃڻ کان اڳ اهو نه سوچيو هو ته سائوٽ آفريڪا ۾ اسان جي ڪارڪردگي ايتري سٺي رهندي.بسمه معروف وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان جو  سڄو ڌيان آسٽريليا  ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ تي آهي. آسٽريليا ۾ ڪنڊيشنز آسان ناهن هونديون. ڪوشش اهائي آهي ته ان ڪنڊيشن موجب سخت محنت ڪريون ۽ 2020 ۾ سٺي ڪارڪردگي کي يادگار بنايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *