“هر ڪسي ڪو نهين ملتا، يهان پيار زندگي ۾”سوناڪشي جو سڀ کان پسنديده گانو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها چيو آهي ته ڀارت جي پراڻي فلم جانباز جو گانو“ هر ڪسي ڪو نهين ملتا، يهان پيار زندگي ۾” سندس سڀ کان پسنديده گانو آهي. سوناڪشي اهو گانو ڀارتي ٽي وي جي ريئلٽي شو انڊين آئڊل جونيئر ۾ اسٽيج تي اچي ننڍڙي فنڪارا نيتي موهن سان گڏ پڻ ڳايو، سوناڪشي جي ويجهن ساٿين جپو چوڻ آهي ته “هر ڪسي ڪو” سندس سڀ کان پسنديده ۽ دل جي ويجهو رهندڙ گانو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن آئيفا ايوارڊن جي تقريب ۾ به پرفارم ڪرڻ لاءِ ان گاني جي چونڊ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *