ن ليگ جي سياست عوام جي خدمت ڪرڻ آهي: نواز شريف

گلگت بلتستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هـُو   گلگت بلستان ۾ ڪنٽينر واري سياست ڪرڻ نه پـَر عوام جي خدمت ڪرڻ آيو آهي، ڪجهه ماڻهن جي سياست گارين تي ٻڌل آهي پر ن ليگ جي سياست عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، گلگت ۾ 40 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، ايترو پئسو پاڪستان تي به خرچ ناهي ٿيندو.  گلگت بلستان ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هتان جي عوام ۽ سندس دل گڏ ڌڙڪندي آهي، ماضي ۾ گلگت ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو هو پر هاڻي هتي ٿيندو آهي. هـُن چيو ته اڄ گلگت جي 12 شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏئي کيس وڏي خوشي ٿي آهي، گلگت جي شاگردن کي هاڻي هڪ هزار کان وڌيڪ ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا.  وزيراعظم نواز شريف چيو ته هــُو گلگت بلستان ۾ ڪنٽينر واري سياست ڪرڻ نه پر عوام جي   خدمت ڪرڻ آيو آهي، ڪجهه ماڻهن جي سياست گارين تي ٻڌل هوندي آهي پر ن ليگ جي سياست عوام جي خدمت آهي. وزيراعظم چيو ته کيس ڪنٽينر تي ويهي گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو ويو پر نواز شريف ڪڏهن به گار جو جواب گار سان ناهي ڏيندو، جيڪي ماڻهو اهڙي زبان استعمال ڪندا آهن، عوام کين چڱي ريت سڃاڻي ٿو. نواز شريف چيو ته گلگت کان اسڪردو تائين روڊ ٺاهيو ويندو، جڏهن ته ٻنهي شهرن جي هوائي سروس لاءِ وڌيڪ جهاز پڻ فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت گلگت بلتستان ۾ 40 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ايترو رقم پاڪستان تي به خرچ ناهي ٿيندي، جڏهن ته خطي جو سڀ کان وڏو منصوبو ديا مير ڀاشا ڊيم به گلگت ۾ ئي ٺهندو، جنهن تي 14 سئو ارب رپيا خرچ ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهدري منصوبي تحت خطي ۾ خوشحالي ايندي، سندس نظر وڏن منصوبن تي آهي، جيئن عوام خوشحال ٿئي. ان موقعي تي وزيراعظم گلگت جي شهرن هنزه، نگر، شگر ۽ خرمند کي ضلعا بڻائڻ ۽ شاهراهه قراقرم وٽ بلستان يونيورسٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *