ن ليگ احتساب عدالت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف پاران فوري وطن واپسي جو اعلان

 

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف وطن واپسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان سازش ۾ ڪهڙا ماڻهو شريڪ آهن؟ مون پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ناهي سوچيو احتساب ۽ سپريم ڪورٽ فيصلا نه پر منهنجي هر خلاف سازش ڪئي وئي جنهن جو ڪو به مثال ناهي.  مون پنهنجي خلاف غداري جا فيصلا به ٻڌا جڏهن ته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي تشدد به برداشت ڪيو.  لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته ميڊيا کي جبرن خاموش ڪرايو ويندو آهي ۽ چينلن بند ڪرايا ويندا آهن، اخبارن کي عوام تائين پهچڻ کان زبرستي روڪيو ويندو آهي ۽ صحافين تي ظلم ڪيو ويندو ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي.  اهڙي جدوجهد ۾ ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويندو آهي؟ جنهن جدوجهد جو آغاز ڪيو ان ۾ اهڙا فيصلا ۽ سزائون ملنديون آهن. مون پنهنجي خلاف غداري جا فتويٰ به ٻڌا، هڪ عام شخص کي سينيٽ جو چيئرمين ٻنايو ويو. هن چيو ته اها سزا ڪرپشن تي ناهي ڏني وئي، فيصلي ۾ لکيل آهي ته فرديادي تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو.  اها سزا ڪرپشن تي نه، سرڪاري ناڻي ۾ ڦيرڦار ۽ ڦرلٽ تي نه پر اها سزا پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ جو منهن موٽڙڻ جي ڏوهه ۾ ڏني وئي آهي. سپريم ڪوريٽ ۽ نيب چار سزائون ڏيڻ بعد به اڄوڪي ۾ فيصلو اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ڪهڙي چوري ڪئي ڪڏهن ڪئي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي آهي اهي سزائون منهنجي جدوجهد جون رستو نه روڪينديون.  آئون پنهنجي اها جدوجهد ان وقت تائين جاري رکندس جيستائين هن  ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني ان خوف جي زنجير کان آزاد نٿا ٿين جنهن ۾ حق جي ڳالهه چوڻ تي کين جڪڙيو ويندو آهي، جيستائين هن ملڪ ۾ رهندڙن کي غلامي کان آزادي  نٿي ملي جنهن ۾ چند جج ۽ چند ٻيا ماڻهو هن قوم تي مڙهيندا آهن ۽ جيستائين هن ملڪ ۾ ووٽ کي عزت نٿي ملي ۽ جيستائين عوام کي سندس حق حڪمراني نٿي ملي ايستائين منهنجي جدوجهد جاري رهندي، اسان انگريزين جي زماني کان آزادي کان پوءِ مٺ جيترن ماڻهن جا غلام بڻجون، اهڙي ماڻهن جي غلامي جيڪي آئين ۽ قانون جو حلف کڻي ساڻس غداري ڪندا آهن، ته اڄوڪو اهو فيصلو منهنجي جدوجهد جو حصو آهي، پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ڏسي رهيو آهيان.  جنهن تيزي سان اهو ڪيس هلي رهيو آهي ڪاش اهڙي رفتار سان ملڪ آئين ۽ قانون ٽوڙڻ وارن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ها.  اهو فيصلو منهنجي جهدوجهد جو فيصلو آهي آئون ان جدوجهد جي تسلسل لاءِ پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان، آئون جيل ۾ به جدوجهد تي جاري رکندس، عوام ۽ پاڪستان منهنجو ساٿ ڏئي. هن چيو ته مون ايندڙ نسلن جي آزادي ۽ غيرت ۽ خودداري سان جيئڻ جو جهنڊو کنيو آهي عوام منهنجو ساٿ ڏئي ۽ مون سان گڏ هلي. 25 جولاءِ تي ووٽ جي ذريعي انهن زنجيرن کي ٽوڙيو آئون توهان جو منتظر آهيان، آئون ن ليگ جي هر ورڪر ۽ اميدوار جي جذبي جي قدر ڪيان ٿو ۽ عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو  جنهن منهنجو ساٿ ڏنو ۽ بدترين حالتن کي منهن ڏنو.  بدترين جبر جي باوجود ن ليگ سمورين پارٽين کان اڳتي آهي ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿينداسين. عوام ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو  جيڪو سفر شروع ڪيو آهي ان ۾ ساٿ لاءِ اچي رهيو آهيان، ان جي قيمت جيل يا موت آهي ته آئون اچي چڪائندس، ووٽ  چوري ڪندڙ ۽ توهان جي خوشهالي ۽ ترقي تي ڌاڙو هڻن کي روڪڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پارٽي سربراهه نواز شريف جي خلاف عدالتي فيصلو رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف عدالتي فيصلي کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته احتساب عدالت جو فيصلو سراسر زيادتي ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قانوني خاميون موجود آهن. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ مسلم  ليگ ن ان فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ احتساب عدلت جي ان فيصلي کي تاريخ ۾ ڪاري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته اهو ڪيس عدالت عظميٰ جي 3 بينچ ٻڌو ۽ پوءِ جي آءِ ٽي 10 جلدن تي ٻڌل رپورٽ مرتب ڪئي، سڄي ڪيس ۾ ڪو به خاص قانون دستاويز مهيا ناهي ڪيو ويو، پاناما، ايون فيلڊ ۽ آف شور ڪمپنين ۾ نواز شريف جو نالو ناهي. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه دنيا ڄاڻي ٿي ته نواز شريف اُهو شخص آهي جنهن پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو ۽ ايٽمي قوت بڻائڻ وقت پرڏيهي دٻاءُ، لالچ ۽ ڌمڪين کي ٺڪرايو، عوام جي آواز تي لبيڪ چوندي ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو. هن چيو ته موٽرويز جو موجد نواز شريف آهي، ديامر ڀاشا کي سرد خاني مان ڪڍي عملي ميدان ۾ آڻڻ وارو نواز شريف آهي. هن چيو ته اڄ هن قوم جي سپوت کي سزا ٻڌائي وئي  جنهن هن ملڪ  جي بي پناهه خدمت ڪئي، نواز شريف هميشه جبر ۽ دٻاءَ حوصلي سان مقابلو ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو 109 ڀيرا احتساب عدلت ۾ پيش ٿيو ۽ ملڪي 70 سالن جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال موجود ناهي. هن چيو ته جنهن پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪيو، اربين کربين کاڌا، ان جي باري ۾ نيب ڪهڙو فيصلو ڪيو، نيب عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو پر 25 جولاءِ تي عوامي عدالت لڳڻ واري آهي ۽ اُها عوامي عدالت فيصلو الله جي فضل سان ثابت ڪندي ته اهو عوامي عدالت جو فيصلو ٺيڪ آهي.  شهباز شريف جو چوڻ هو ته آئون پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويندس ۽ وڃي ان زيادتي ۽ ناانصافي کان عوام کي آگاهه ڪندس، 25 جولاءِ تي فخر جي نماز کان پوءِ عوامي عدلت ۾ صحيح معنيٰ ۾ گواهي ڏيندس. هن چيو ته انصاف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪندس، مسلم ليگ جا اميدوار ڀرپور چونڊ مهم هلائيند ۽ چونڊ جلسن کي پرامن احتجاج جو ذريعو بڻائيندا جيئن سڄي قوم ۽ دنيا کي خبر پئي ته انصاف جو پيمانو اهو ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *