نواز شريف کي مودي جي فون سان ٻطرفا لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۽ ڪشمير تڪرار نبيرڻ ۾ مدد ملندي: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته نريندر مودي جي وزيراعظم نوازشريف کي ٽيليفون سان ٻطرفا لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم نواشريف ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏڻ جي هڪ بهترين خوبي جو مالڪ آهي، هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته مسلم ليگ (ن) جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته ان آڏو ڪيتريون ئي چيلينجزهيون،  جن جي حل لاءِ اسان جي قيادت دليراڻا فيصلا ڪيا ۽ اهي سمورا اهم قدم کنيا ويا،جن سان اهي مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام کي فائدو به پهچائي سگهجي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته ڀارتي وزيراعظم جي محمد نوازشريف کي ٽيليفون سان ٻطرفا لاڳاپا معمول تي آڻڻ توڙي ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *