نواز شريف جي ڪرعزستان جي وزير اعظم سان ملاقات، مختلف ٺاهن تي صحيحون

بشڪڪ (م.ڊ) پاڪستان ۽ ڪرغزستان توانائي جي شعبي ۽ علائقائي رابطي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڌيان ڏيندي واپار، معيشت، عوامي سطح تي رابطن ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن هتي پنهنجي ڪرغز هم منصب تيمر سريوف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ٻطرفا لاڳاپا بهترين آهن، اسان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن، عوامي سطح تي رابطن، سياحت ۽ توانائي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون به ڪيون. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن ۾ تيزي سان بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل عقيدي، گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، اسان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته اسان درپيش گڏيل چئلينجن بابت اشوز ۽ دستياب موقعن تي جامع مشاورت ڪئي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو توانائي جي استحڪام، دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي اسمگلنگ، انتهاپسندي، واپار، معاشي تعاون ۽ علائقائي يڪجهتي سميت جامع معاملن تي گڏيل مفاد آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان تعاون جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڳالهين دوران ڪرغز وزيراعظم ۽ منهنجي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن اهم رخن جو جائزو ورتو ويو، اسان پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن سميت باقاعده سياسي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي، انفراسٽرڪچر جي بهتري، رستن ۽ ريل رابطن جي تعمير ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون ۾ ڀرپور انساني ۽ معدني وسيلن مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ جو جائزو ورتو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان توانائي جي منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ڪاسا – 1000 جي منصوبي جي حوالي سان سمورا اهم معاهدا طئي ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي جو دارومدار ڪاسا – 1000 منصوبي جي بجلي تي آهي جنهن سان پاڪستان جي توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي ان منصوبي تي گڏيل طور تي جلد کان جلد ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان مواصلاتي رابطن جي جامع نيٽ ورڪ جو فروغ چاهي ٿو، اسان گوادر پورٽ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ترقي لاءِ قدم کنيا آهن جن سان علائقائي رابطن کي سهولت ملندي ۽ وچ ايشيائي رياستون اسان جون بندرگاهون استعمال ڪري سگهنديون اهڙي طرح هن خطي ۾ اسان جي پهچ هوندي. وزيراعظم چيو ته ڪرغز هم منصب سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن گڏيل قومن، جي – 77، غيروابسته تحريڪ ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي تعاون جو جائزو ورتو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي سڌارن جي لاءِ ڪرغزستان سان ويجهي تعاون تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن جي امنگن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته استحقاق جا وڌيڪ مرڪز قائم ڪرڻ بدران ننڍن ملڪن جي مفادن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ جمهوري بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪرغزستان پاران تعاون ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان جي شهرين کي تربيتي ڪورس جي فراهمي جاري رکندو، فارن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ 60 کان وڌيڪ نوجوان ۽ مڊڪيريئر سفارتڪارن کي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته بئنڪاري، ٽپال ۽ ٻين شعبن جي لاءِ به تربيت جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل قدرن ۽ عزم سان علائقائي تعاون ۾ اضافو ٿيندو، جيڪو پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته مون کي ڪرغزستان جي دوري تي تمام گهڻي خوشي آهي جيڪو آزادي جي وقت کان اسان جو تمام ويجهو دوست آهي. هن پنهنجي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ڪرغز عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ڪرغزستان جي ثقافت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ڪرغزستان جي ڏاهپ واري قيادت تحت ٿيندڙ ترقي ۽ خوشحالي کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته آئون ڪرغزستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *