ناهيد خان جي چوڻ تي بينظير ڀٽو گاڏي مان ٻاهر نڪتي: ڊرائيور جو بيان

راولپنڊي (بيورو) شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران بينظير ڀٽو جي ڊرائيور جاويد الرحمان بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ناهيد خان جي چوڻ تي بينظير ڀٽو گاڏي مان ٻاهر نڪتي، ڌماڪي کانپوءِ بيڪ اپ گاڏي ۽ پرسنل سيڪيورٽي غائب ٿي وئي. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شهيد بينظير ڀٽو جي ڊرائيور جاويد الرحمان پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.ڊرائيور جاويد الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهيته ناهيد خان جي چوڻ تي گاڏي جو سن روف کوليو ۽ ناهيد خان ئي بينظير ڀٽو کي گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ جو چيو هو.هن چيو ته بينظير ڀٽو ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏئي رهي هئي ته ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ بيڪ اپ گاڏي ۽ پرسنل سيڪيورٽي به غائب ٿي وئي. ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي حڪومت طرفان جيڪا سيڪيورٽي ملڻ گهرجي ها، اها نه ڏني وئي.ڊرائيور موجب، شهيد بينظير بينظير کي مسلسل فون اچي رهيا هئا، کيس ڪامياب جلسي تي مبارڪون ملي رهيون هيون..ٻڌڻي دوران عدالت آمريڪي صحافي مارڪ سيگل جي وڊيو بيان رڪارڊ نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت آمريڪي صحافي مارڪ سيگل جي وڊيو بيان بابت پرڏيهي کاتي کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پروفيسر اعظم يوسف نالي وڌيڪ هڪ شاهد کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *