نائجيرين گيت تي مشال خان جي ڊانس وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مشال خان جي انسٽاگرام پوسٽ سندس مداحن لاءِ وڏي ٽريٽ ثابت ٿي وئي.مشال خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ نائجيرين گلوڪار جي گيت ”لونوانتتي“ سهڻي نموني تيار ٿي ڊانس ڪري رهي آهي.مشال خان وڊيو پنهنجي نئين شوٽ جي تيارين دوران ميڪ اپ آرٽسٽ سان گڏ رڪارڊ ڪرائي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته ”اسان شوٽ شروع ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون“.وڊيو ڏسڻ کان پوءِ مداحن مشال جي صلاحيتن کي ساراهيو، گھڻن وڊيو بار بار ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي .اداڪارا اهو برائيڊل شوٽ بيوٽي سيلون لاءِ ڪرايو.انسٽاگرام فالورز لاءِ مشال شوٽ جي هڪ دلڪش تصوير شيئر ڪندي ڊزائينر، بيوٽي سيلون ۽ جيولرز کي ٽيگ ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *