ميان صاحب سڀ توهان جو آهي ته پوءِ رازداري ڇو؟، ڪجهه راز اسان به ڄاڻون ٿا: آصف زرداري

ميرپور خاص (مختيار ڪيريو/اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ان اندر ذوالفقار علي ڀٽو جو روح داخل ٿي ويو آهي، پ پ مزدورن ۽ مظلومن جي جماعت آهي، سمورن مظلومن کي حق ڏيارينداسين، مستقبل ۾ به مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هوندو، نواز شريف ڇا پويان جا راز ٻڌائيندو هو ته پاڻ ئي راز آهي، حڪومت کي اهڙو وزير مقرر ڪرڻ گهرجي ها جنهن کي پرڏيهي به سمجهي سگهن ها، جمعي تي ميرپور خاص ۾ شهيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جي حوالي سان جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو اها دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته ڀٽو خاندان مان آهيان پر اهو ضرور چئي سگهان ٿو ته ان اندر پ پ جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو روح داخل ٿي ويو آهي، آصف زرداري چيو ته پ پ مظلومن ۽ مزدورن جي پارٽي آهي، سمورن مظلومن کي سندن حق ڏياريا ويندا ۽ اهو سڀ ڪجهه ذوالفقار علي ڀٽو سيکاريو آهي، هن چيو ته اڄ ٿر ۾ بجلي جو ڪارخانو لڳي رهيو آهي، ايئرپورٽ بڻجي رهيو آهي، اڄ تائين غريب عوام کي جيڪو ڪجهه به ڏنو اهو پ پ ڏنو، جيڪي واعدا عوام سان ڪيا اهي پورا ڪري ڏيکاريا، آصف زرداري چيو ته مستقبل ۾ به مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هوندو، هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته پاڪستان ۾ نااهل حڪمران حڪومت ڪري رهيا هئا، کين جنهن مقصد لاءِ حڪومت ۾ آندو ويو هو ان کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿيو پر ان جي دوستن جون صنعتون لڳنديون ويون، هن چيو ته پ پ چيئرمين هميشه مطالبو ڪندو رهيو ته پاڪستان جو باقائده پرڏيهي وزير مقرر ڪيو وڃي، هن چيو ته جڏهن پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو ته هو انگريزي به پنجابي ۾ ڳالهائڻ لڳو، حڪومت کي اهڙو وزير مقرر ڪرڻ گهرجي ها جنهن کي پرڏيهي به سمجهي سگهن ها، نواز شريف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته نواز شريف پردي جي پويان ڪهڙا راز ٻڌائيندو، هو ته پاڻ ئي هڪ راز آهي، هن سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته جيڪو ماڻهو يوسي جي سيٽ نٿو کٽي سگهي ته اهو ڪيئن هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿو. هاڻ اهو دور ناهي رهيو جو ڪنهن جي ڳالهه لڪي سگهي، هاڻ ڪنهن جي به ڳالهه نٿي لڪي، هن چيو ته اهان پنهنجي اسٽبلشمينٽ سان وڙهڻ ۽ جلوس ڪڍڻ لاءِ نڪتا آهيو، پروٽوڪول به پنهنجي حڪومت جو استعمال ڪري رهيا آهيو، سڀ ڪجهه اوهان جو ۽ ادارا به اوهان جا آهن ته ڪهڙي ڳالهه راز جي آهي، پ پ اڳواڻ چيو ته پنهنجي وزيراعظم کي چئو ته جيڪڏهن حڪومت نٿي هلي ته استعيفيٰ ڏئي، هن چيو ته چئو ته توهان نااهل آهيو پر اسان ڏي اهڙو پيغام نه موڪليو جنهن سان اوهان سمجهو ته اسان ڊڄي وينداسين نه اوهان اسان کي ڊيڄاري سگهو ٿا نه ڀڃائي سگهو ٿا، توهان پاڻ ڊڄي سگهو ٿا، لکي ڏئي سگهي ٿا، اسان جي پارٽي ۾ ڪو به اهڙو ڪلچر نه آهي، ان موقعي تي مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، خورشيد شاهه، نثار کهڙو، منظور وساڻ ۽ فيصل صالح حيات به موجود هئا. ان کان اڳ سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي خوشحالي صرف هڪ صوبي ۾ نظر اچي رهي آهي، خورشيد شاهه چيو ته شهادت پ پ جي ورثي ۾ آهي، ڇو ته پارٽي جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي، عوام کي اهڙي سياست جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي روزگار ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، خطاب کان اڳ آصف زرداري پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *