موجوده صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون نه ٿينديون: قائم علي شاهه

جيڪب آباد (ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪب آباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کان اڳ ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ  حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر موجوده سياسي حالتن ۾ پارٽي جو اهو فيصلو آهي ته ايم ڪيو ايم سان  في الحال اتحاد نه ٿو ٿي سگهي جيسيتائين حالتون بهتر نه ٿيون ٿين ۽ جاچ واري مرحلو پورو نه ٿيو ٿئي ان وقت تائين متحده سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، وڏي وزير چيو ته سنڌ ۽ هن علائقي ۾ امن امان واري صورتحال ڪافي بهتر آهي شڪارپور سانحو هڪ  وڏو واقعو هو ان ۾ ملوث مک جوابدار مارجي ويو آهي باقي جوابدارن کي پوليس ۽ رينجرس گڏجي گرفتار ڪيو ۽ دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪيو هن چيو ته اسان سڄي سنڌ ۾ امن قائم ڪيو آهي، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ڪراچيءَ ۾ امن امان واري صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي هن چيو ته ڪراچيءَ جو آپريشن ڪنهن هڪ فرد واحد يا ڪنهن هڪ جماعت جي خلاف نه آهي ڪراچيءَ جو آپريشن ڏوهارين خلاف آهي پوءِ ڏوهاري ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ هجن ان خلاف ڪاروائي جا حامي آهيون، صولت مرزا جي ڏنل بيانن ۽ گورنر سنڌ جي تبادلي واري سوال جو وڏي وزير جواب نه ڏنو ۽ ميڊيا ڳالهه ٻولهه ختم ڪري هليو ويو. ان کان اڳ وڏي وزير جيڪب آباد جي نمائش گرائونڊ ۾ جيڪب آباد ۾ لڳايل 145 هين تاريخي سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل جو افتتاح ڪيو، جتي ڀلوڙ نسل جي گهوڙن، ڏاندن، ڳئن، ٻڪرين، سميت مخلتف قسم جي جانورن جي نمائش ڪئي ۽ سرڪاري اسڪول جي ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي گل دستا پيش ڪيا ان موقعي تي پ پ ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ممتاز خان جکراڻي،مير فاروق خان جکراڻي، غلام عباس خان جکراڻي،عبدالرزاق بهراڻي، پ پ بلوچستان جو صدر مير صادق عمراڻي، ضلعي جنرل سيڪريٽري پ پ پ مير لياقت خان لاشاري، پ پ ايم پي اي سردارمحمد مقيم کوسو، ايم پي اي ٺل سهراب سرڪي، سردار منظور خان پنهور، سردار ذوالفقار خان سرڪي، بهادر مغيري، ڪمشنر لاڙڪاڻو سعيد احمد مڱڻيجو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي، عابده بروهي ۽ پ پ جا ٻيا اڳواڻ توڙي ضلع جا اهم آفيسر موجود هئا. جڏهن ته ان کان اڳ پ پ ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي  سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته جيڪب آباد شهر ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان ڊرنيج ۽ مٺي پاڻي جي اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي ان ڪري روڊ رستن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي  هن مطالبو ڪيو ته روڊن جي تعمير لاءِ پئڪيج ڏنو وڃي،هن وڏي وزير کان جيڪب آباد ۾ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *