موجوده حڪومت کي آئيني ۽ جمهوري تسليم نٿا ڪريون: فضل الرحمان

اسلام آباد (م.ڊ) اسٽيبلشمينٽ اڃان به حڪومت جي محافظ بڻيل آهي، موجوده حڪومت کي آئيني ۽ جمهوري تسليم نٿا ڪريون، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪمرانن پي ڊي ايم جي جلسي کان اڳ مينارِ پاڪستان کي ڊئم بڻائي ڇڏيو، جلسو ڪرڻ کان روڪيو ويو ته ٻيون ۽ ٽيون نمبر آپشن استعمال ڪيا ويندا، 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، استعيفيٰ سان گڏ ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ مظاهرن، ملڪگير شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال وارن آپشنز تي به صلاح مشورا جاري رهندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت ۽ اُن جي سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جماعتون هڪ پيج تي آهن، اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي اجلاس دوران لاهور جلسي سوڌو ٻين اهم مامرن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *