منيٰ سانحو: 40 پاڪستاني حاجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق، 63 اڃان به لاپتا

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان حڪومت منيٰ ۾ شهيد ٿيل حاجي سڳورن جي وارثن کي 5، 5 لک روپيا ڏيڻ ۽ سرڪاري خرچ تي عمرو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، منيٰ سانحي جي فوڪل پرسن نوازليگ جي ايم اين اي طارق فضل پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪندي چيو ته منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستاني حاجي سڳورن جي وارثن کي 5،5 لک روپيا ۽ زخمي حاجين کي 2،2 لک روپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته منيٰ سانحي ۾ پاڪستاني حاجين جي شهيد ۽ 35 جي زخمي ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت طرفان شهيد ٿيل پاڪستاني حاجين جي وارثن کي سرڪاري خرچ تي عمرو ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 40 پاڪستاني حاجين جي شهيد ۽ 35 جي زخمي ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي. منيٰ سانحي ۾ 40 پاڪستاني حاجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، سانحي بعد گم ٿيل حاجين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، پاڪستاني سفير منظور الحق چيو آهي ته 3 سئو جي لڳ ڀڳ گم ٿيل حاجين مان 221 حاجين سان رابطو ٿي ويو آهي.مذهبي معاملن واري وزارت منيٰ سانحي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني حاجين جا نالا ۽ سندن تفصيل پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا آهن.سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستان جي سفير منظور الحق تصديق ڪندي چيو آهي ته منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستاني حاجين جو انگ 40 ٿي ويو آهي، سانحي ۾ 35 پاڪستاني حاجي زخمي ٿيا آهن.پاڪستاني سفير چيو ته 3 سئو جي لڳ ڀڳ گم ٿيل حاجين مان 221 حاجين سان رابطو ٿي ويو آهي، باقي گم ٿيل رڳو 63 حاجين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *