ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي . اسان ٻيڙيون ساڙي آيا آهيون، هاڻ ڪير به پوئتي نه هٽندو: آصف علي زرداري

ڪراچي: (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چونڊن جا بيان نه ڏئي، چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. آصف علي زرداري سان ايم ڪيو ايم جي وفد ملاقات ڪئي. بلاول هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد جميل، جاويد حنيف ۽ صادق افتخار شامل هئا، آصف زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊ نظام ۾ ترميم ۽ نئين قانون سازي سميت ٻنهي پارٽين ۾ ٿيندڙ معاهدي جي نڪتن تي هينئر تائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيو ته ڳالهين سان جلد سمورا معاملا طئي ڪيا ويندا. ذريعن موجب آصف زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم چونڊ بابت بيان نه ڏئي. چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. اڳيان به ملي هلنداسين اسان ٻيڙيون ساڙي آيا آهيون، هاڻ ڪير به پوئتي نه هٽندو. ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي پهريان ان کي صحيح ڪرڻو آهي. عمران خان 25 مئي تي به ناڪام ٿيو اڳيان به کيس ناڪامي ملندي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن شڪايت ڪئي ته زرداري صاحب اسان سان ڪيل معاهدي تي اوهان جا پارٽي اڳواڻ اڳڀرائي نٿا چاهين. مڪاني چونڊون به ملتوي ٿي رهيون آهن اسان کي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر سميت معاهدي ۾ شامل نڪتن تي عمل گهرجي. آصف زرداري يقين ڏياريو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سڀاڻي اوهان جي مسئلن تي ڳالهيون ڪندو، انشاءَالله اڳڀرائي ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *