ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڊي اي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جو انڪشاف، اٿارٽي تحت هلندڙ منصوبن ۾ گهوٻين سبب غريب الاٽيز دربدري جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي مشير مظفر شجراع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايم ڊي اي جي آفيس ۾ اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ويو ته اٿارٽي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري ايم ڊي اي محمد عرفان ۽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ضياءُ الدين، مظفر شجراع  ي ٻڌايو ته نيو ملير جي ساڍا 5 هزار، شاهه لطيف ٽائون جي هڪ هزار 8 سئو، جڏهن ته ٽيسر ٽائون جي 6 هزار 5 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ مڙني ادارن کي لکيو ويو آهي پر ڪا به سنوائي نه ٿي آهي، ان دوران ايم ڊي اي گوسڙو ملازمن جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي مظفر شجراع جو چوڻ هو ته سرڪاري پگهارون کندڙ آفيسر ايمانداري سان ڪم ڪن ته انهن کي ڪو به گرفتار نٿو ڪري سگهي پر ڪرپشن ٿيندي ته انهن خلاف ڪارروائي به ٿيندي ۽ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *