مريم نواز مڙس سميت احستاب عدالت ۾ پيش، وڪيلن ۽ ليگين ۾ جهيڙو، ٻڌڻي ملتوي، فرد جرم لاڳو نه ٿيو

اسلام آباد (اين اين آءِ)اسلام آباد  جي احتساب عدالت ۾  وڪيلن جي هلٽر بازي جي سبب  جج محمد بشير  خميس تي ڪاروائي ڪرڻ کانسواءِ ئي  ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن  جي سبب نوازشريف، مريم  نواز ۽ ڪيپٽن صفدر   تي فرد جرم  لاڳو نه ٿي سگھي. تفصيل جي مطابق اڳوڻي وزيراعظم  محمد نوازشريف جي نياڻي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر   جي احتساب عدالت  ۾ پيشي جي موقعي تي  جوڊيشل ڪمپليس جي ٻاهران سيڪيورٽي  جا سخت انتظام ڪيا ويا جنهن جي سبب جوڊيشل ڪمپليڪس  جي ٻاهران هڪ دفعو ٻيهر بد نظمي نظر آئي،  ان دوران هڪ وڪيل پوليس اهلڪار کي ٿڦڙ هنيو  جنهن تي پوليس وڪيلن تي ڏنڊا وسايا جنهن سان هڪ وڪيل  جو مٿو ڦاٽي پيو جنهن جي سبب  صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ عدالت جي ڪمري تائين پهچي وئي،  عدالت جي ڪمري  ۾ بدنظمي جي سبب معزز جج عدالت جي ڪمري مان اٿي هليا ويا ۽ ٽن جوابدارن نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم لاڳو  ٿي سگھي ۽ ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، ميڊِيا رپورٽ جي مطابق اڳواڻي وزيراعظم نوازشريف   جي زال ڪلثوم نواز بيماري جي سبب لنڊن ۾ موجود آهي،  جنهن جي سبب ظافر خان نمئاندي جي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيو،  ياد رهي ته  عدالت گذريل ٻڌڻي تي لنڊن ۾ رهندڙ حسن نواز ۽ هسين نواز  کي فرار جوابدار قرار ڏئي  ان جو ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ٻنهي جوابدارن کي اشتهار جي ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو.  جوابدارن جي لاهور ۾ رهائشگاهه ۽ عدالت جي اڱڻ ۾ لڳايل اشتهار ۾ لکيل هو ته ٻئي هڪ مهيني جي اندر عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته  انهن کي اشتهاري جوابدار قرار ڏنو ويندو.  ٻئي طرف اسلام آباد جي  احتساب عدالت جي جج محمد بشير  آئي جي اسلام آباد   کي وڪيل تي تشدد جي واقعي جي جاچ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو، خميس تي اڳواڻي وزيراعظم  نوازشريف جي نياڻي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي احتساب عدالت  ۾ پيشي جي موقعي تي  جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهر سيڪيورٽي  جا سخت انتّظام ڪيا ويا جنهن جي سبب جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران هڪ دفعو ٻيهر بد نظمي نظر آئي.  ان دوران پوليس وڪيلن تي ڏنڊا هنيا جنهن سان هڪ وڪيل جو مٿو ڦاٽي پيو جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ عدالت جي  ڪمري تائين پهچي وئي.  ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير آئي جي اسلام آباد  کي وڪيل تي تشدد  جي و اقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. زخمي ٿيڻ وارن وڪيلن  جي مطابق  احتساب عدالت  جي جج ان ج مٿو ڦاٽل ڏسي غصي جو اظهار ڪيو ۽ جيڪڏهن وڪيلن سان ائين ٿيندو ته مان ڪيس  جي ٻڌڻي نه ڪندس. هوڏانهن  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال اسلام آباد احتساب عدالت ۾ بدنظمي جو نوٽيس وٺندي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جاري ڪيل بيان موجب گهرو وزير اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ بدنظمي جي سخت مزمت ڪئي آهي، هن چيو ته عدالت جي احترام تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، هن چيو ته وڳوڙ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻندڙ وڪيل قانون جا محافظ نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته عدالت ۾ محدود گنجائش سبب پاسون جاري ڪيون وينديون آهن، هن چيو ته عدالت جو تحفظ هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو، واقعي جو نوٽيس وٺندي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *