ماحول جي تباهي جا پاڻ ذميوار آهيون، ايندڙ نسلن کي ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: وڏي وزير

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ماحولياتي آلودگيءَ تي ڪڏهن ڌيان ئي ناهي ڏنو ويو ۽ جيڪڏهن موسمياتي تبديلين جي سببن کي پهريان ئي حل ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان جو ماحول تمام بهتر هجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن  وزير اعليٰ هائوس ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي مسئلن بابت منعقد ڪيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان پنهنجي صاف سٿري فضا کي تباهه ڪرڻ جا پاڻ ذميوار آهيون، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي سمنڊ ۾ صنعتي ۽ گهريلو گند / خراب مواد اڇلايو پيو وڃي ۽ حيدرآباد ۾ به ڦليلي ڪئنال کي به اهڙي ئيطريقي سان خراب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ سنڌ صوبو خاص طور تي صنعتي شهر ڪيترن ئي سنگين ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته صنعتڪارن ماحولياتي تحفظ جي اُپائن تي عملدآمد ناهي ڪيو ۽ اسان کي نه رڳو پنهنجي لاءِ پر پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي صوبائي وزير ماحوليات ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته آلودگيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، اسان جون صنعتون ۽ گاڏيون فضا ۾ جيڪو دونهون ڇڏينديون آهن ان سان هوا ۾ آلودگي پيدا ٿيندي آهي پر جڏهن اهي ئي صنعتون بنا ڪنهن احتياتي تدبيرن جي خراب مواد ڪئنالن يا کليل ميدانن ۾ ڦٽو ڪندا آهن ته ان سان پاڻي جي آلودگي پيدا ٿيندي آهي ۽ ان ڪري زير زمين پاڻي به زهريلو ٿيندو آهي ۽ جڏهن ان زمين ۾ ڪو به فصل يا ميوو پوکبو آهي ته اهڙي قسم جي پاڻي يا زمين سبب اهو ميوو صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي ويندو آهي. هن چيو ته مان ماحوليات جو وزير هئڻ باوجود بيوس آهيان ڇو جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم بلديات کاتي، صنعتن واري کاتي ۽ ساحلي علائقن جي زمين جنگلات کاتي جي دائري ۾ اچن پيون. مان رڳو خراب مادي / ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو ذميوار آهيان پر ان حوالي سان صنعتڪار سهڪار نه پيا ڪن ۽ صوبائي کاتن ۽ ادارن ۾  رابطن جو شديد فقدان آهي. ان تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لاڳاپيل کاتن ۾ ويجهڙائي وارا رابطا هئڻ گهرجن. هن موسمياتي تبديلي، ماحوليات ۽ ساحلي پٽيءَ جي ترقيءَ جو کاتو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي جون سموريون ذميواريون هڪ ئي کاتي کي ڏنيون وڃن. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي ماحولياتي تحفظ واري اداري انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (اِي پي اي) ۽ نئين قائم ڪيل اداري سان سهڪار ۽ ويجهڙائي وارا رابطا رکڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ساحلي پٽيءَ تي ناريل جا وڻ لڳائڻ لاءِ ملائشيا کان مدد ورتي ويندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اِي پي اي کي هدايت ڪئي ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪارروائيءَ، لياري ۽ ملير ندين ۾ صنعتي خراب مادي کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ ان کي ڪراچي سمنڊ ۾ وهائڻ ۽ ڦليلي ڪئنال ۾ گهريلو ۽ صنعتي خراب مادي کي اڇلائڻ خلاف جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. ان موقعي تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ترقيات محمد وسيم ٻڌايو ته 11 ارب رپين جي لاڳت سان پنجن يونٽن تي مشتمل هڪ ڪمبائنڊ افيولينٽ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اهو منصوبو وفاقي پلاننگ ڪميشن ڏانهن منظوريءَ لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ ان منصوبي سان سمنڊ ۾ ڇڏي ويندڙ صنعتي خراب مادي مان نقصان پهچائيندڙ ڪيميائي مواد کي ماحول دوست بڻايو ويندو. ِاي پي اي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جي وڏي وزير کي ماحولياتي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو ته انوائرنمينٽل ٽربيونل اسٽيٽ لائف بلڊنگ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته شهر ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي جون خبرون اينديون آهن انهن کي ڪنهن جي اجازت هوندي آهي؟ ۽ مقامي ادارا ۽ پوليس ان مامري تي ڇا ڪري رهي آهي؟ هن وڻن جي بنا سبب جي ڪٽائي تي لاڳاپيل ادارن کان پڇاڳاڇا ڪئي ۽ حڪم  ڪيو ته ان تي ضابطو آندو وڃي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته وڻڪاري مهم شروع ڪئي وڃي ۽ وڻڪاري آسان ڪم نه آهي ڇاڪاڻ ته اوهان کي هر هڪ وڻ کي اپنائڻو ۽ ان جو خيال رکڻو آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ماحوليات ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام مهتاب ڏهر، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ، سيڪريٽري هيلٿ سعيد منڱڻيجو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، اي پي اي ڊائريڪٽر جنرل نعيم مغل سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *