لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي مريضن جي انگ ۾ لڳاتار واڌ، ايڊز ۾ ورتل ماڻهن جو انگ 158 ٿي ويو

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي مريضن جي انگ ۾ لڳاتار واڌي ٿي رهي آهي، ايڇ آءِ وي جا متاثر 29 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ايڊز ۾ ورتل ماڻهن جو انگ 158 ٿي ويو آهي، رتوديرو ۾ 8 ڏينهن ۾ 3940 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ٿي چڪي آهي، ڪراچي سول اسپتال جي ٽيم رتوديرو پهچي متاثرن جي مڪمل ٽيسٽ سان هڪ ڊاڪٽر علاج کي ٽريننگ ڏني ويندي، واضح رهي ته حيدرآباد ۾ هن سال ايڇ آءِ وي جي 43 نون ڪيسن جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر موجب هلندڙ سال ايڇ آءِ وي جي وڌيڪ 43 مريضن جي واڌ ٿي آهي، مختلف ڳوٺن ۾ 12 سئو ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي، سڄي سنڌ ۾ اسڪريننگ جو سلسلو جاري آهي، ملڪ 23 وڏن شهرن ۾ ايڊز جو خطرو وڌي ويو آهي، ڪراچي، بنون، جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ ايڊز تيزي سان ڦهلجي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *