قومي اسيمبلي ۾ جي آءِ ڊي او آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ منظور، مخالف ڌر پاران ڪارروائي جو بائيڪاٽ

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ گڏيل اپوزيشن ڪنهن معاملي تي اڄ به راءِ جي اختلاف سان سامهون آئي آهي، گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ واري ٺهراءُ تي مخالف ڌر سخت احتجاج بعد اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ آرڊيننس جو 22 جنوري تي جيئن ته مدو پورو ٿي رهيو هو، تنهنڪري حڪومت ان جي مدي ۾ واڌ وارو ٺهراءُ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، جنهن تي اپوزيشن جي سمورين جماعتن کي ڪاوڙ لڳي وئي ۽ ايوان جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو، ان موقعي تي گڏيل اپوزيشن واڪ آئوٽ به ڪيو ۽ واڪ آئوٽ وقت سمورين اپوزيشن پارٽيز جي ميمبرن جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا به ٻه ميمبر شامل هئا، انهن نعريبازي ڪئي، ڪارو قانون نا منظور جا نعرا هڻندا اپوزيشن ميمبرز ايوان مان ٻاهرنڪري ويا، احتجاج ۾ حصو وٺندڙن ۾ پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، شيرپائو گروپ ۽ ايم ڪيو ايم شامل آهن. اپوزيشن جي واڪ آئوٽ کانپوءِ حڪومت آرام سان ان آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ کي منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ 120 وڌيڪ ڏينهن لاءِ آرڊيننس قانون جي صورت ۾ موجود هوندو، حڪومت اپوزيشن جي غير موجودگي جو فائدو وٺي اليڪٽرانڪس ڪرائيم جي روڪٿام جي حوالي سان پڻ هڪ بل جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ پيٽرول جي پنجاب ۾ کوٽ جي حوالي سان به بحث سامهون آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *