قلات ۾ دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن، 13 ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪوئيٽا (بيورو)قلات جي علائقي جوهان ۾ ايف سي جي سرچ آپريشن دوران 13 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ايف سي ترجمان موجب قلات جي علائقي جوهان ۾ ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ايف سي جي جوانن جي وڏي انگ حصو ورتو، آپريسن ۾ هيليڪاپٽرن جو به استعمال ڪيو ويو. ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 13 ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته ويڙهاڪن جي 2 ٺڪاڻن ۽ بارود سان ڀريل 3 گاڏين کي تباهه ڪري ڇڏيون . ايف ي اختيارين جو چوڻ هو ته مارجي ويل ويڙهاڪ بلوچستان ۾ آئل ٽينڪرن کي ساڙڻ، سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۽ ٻين ڪارروائين ۾ گهربل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *