قاضي احمد لڳ مسافر ڪوچ جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جا ٦ ڀاتي اجل جو شڪار

قاضي احمد(رپورٽر)  قاضي احمد لڳ مسافر ڪوچ جي چنگچي رڪشا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا ٦ ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي چانڊيہ پئٽرول پمپ جي سامهون سکر کان ڪراچي ڏانهن ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اڳيان ويندڙ چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري کوھ جي ڳوٺ پنجو سولنگي جي بدنصيب ھڪ ئي گھر جا ۵ ڀاتي ٿڏي تي ئي اجل جو شڪار ٿي ويا جن ۾ رڪشا ڊائيور ميھار سولنگي، مسمات گل بي بي سولنگي، مسمات مريم سولنگي، معصوم ٻارڙا شازيہ سولنگي ۽ شاھزيب سولنگي شامل آهن جڏھن تہ ٦ ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان زخمي عورت مسمات فاطمہ سولنگي زخمن جا سور نہ سهندي فوت ٿي ويئي جنهن سان فوتين جو انگ ٦_ ٿي ويو آھي جڏھن تہ ۵ ڄڻا زخمين ۾ خالدہ، صاحبہ، زاھدان، اعجاز ۽ پرويز سولنگي شامل آهن. لاشن ۽ زخمين کي پوليس توڙي ايڌي ايمبولينس ذريعي قاضي احمد اسپتال آندو ويو حادثي دوران اسپتال ۾ ھنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون پر ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب زخمي تڙپندا رهيا. واقعي بابت مليل ڄاڻ موجب مذڪوره بدنصيب خاندان رڪشا ۾ سوار ٿي قاضي احمد شھر ڏانهن اچي رهيو هو تہ هڪ خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *