فٽنينس مسئلن جو شڪار حفيظ، حارث سهيل، ذوالفقار بابر ۽ عماد وسيم کي بحالي پروگرام ۾ حصو وٺڻ جي هدايت

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فٽنيس مسئلن جي ور چڙهيل 4 ڪرڪيٽرن محمد حفيظ، حارث سهيل، ذوالفقار بابر ۽ عماد وسيم کي بحالي پروگرام ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ واري دوري لاءِ بوٽ ڪيمپ 12 مئي کان ايبٽ آباد ۾ شروع ٿيندي، جيڪا ٻن هفتن تائين جاري رهندي، ان کان پهرين نيشنل اڪيڊمي ۾ لڳايل فٽنيس ڪيمپ ۾ ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ ڄاڻايل چئني ڪرڪيٽرن کي پي سي بي طرفان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بحالي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن محمد حفيظ پي سي بي کي بحالي پروگرام ۾ رهندي بوٽ ڪيمپ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *