فوجي عدالتن جي معاملي تي حڪومت سان ڳالهين جو امڪان ناهي,قطري يا اماراتي خط سان وزيراعظم جو ڪاروبار اڇو نٿو بڻجي سگھي: اعتزاز احسن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي معاملي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، هن چيو ته فوجي عدالتن جي معاملي تي حڪومت سان هاڻي وڌيڪ ڳالهين جو امڪان ناهي.پلز پارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عدالت کي وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪرڻ گھرجي ها، نواز شريف جي بزنس کي وائيٽ قرار ڏيڻ سان انارڪي ڦهلجي سگھجي ٿي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي طلب نه ڪيو ويو ته گھٽ ۾ گٽ ان جو سمورو رڪارڊ ئي طلب ڪيو وڃي ها،  جيڪڏهن وزيراعظم رڪارڊ پيش نه ڪري ها ته يوسف رضا گيلانيءَ جيان توهين عدالت سزا ئي ڏني وڃي ها، سينيٽر اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ قطر يا امارتن مان ڪو خط کڻي اچي وڃي ته سڄو بزنس اڇو نٿو ٿي سگھي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *