فلمن ۾ بولڊ سين کان پرهيز ناهي: راڌيڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره راڌيڪا چيو آهي ته ان کي فلم ۾ بولڊ سين ڪرڻ کان ڪوبه اعتراض نه آهي فلمساز راڌيڪا جي تقريبن هر سين ۾ هڪ بولڊ سين ضرور رکندا آهيون پر حقيقت اها آهي ته راڌيڪا صرف فلمن ۾ ئي بولڊ نظر نه آهي ان جي سوچ به ڪافي بولڊ آهي. انهن ڏينهن ۾ فلم پارچڊ ۾ راڌيڪا جو بولڊ سين تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آحي ان باري ۾ راڌيڪا چوي ٿي ته ان فلم جي بولڊ سين ۾ مان پنهنجي حدن کي ڪراس ڪيو آهي مون کي لڳي ٿو ته هر ماڻهو هڪٻئي جي جسم کي ڏسڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڀارت جي ماڻهن کي اهڙن منظرن ڏسڻ جي ضرورت به آهي اسان ڪاماسوترا جهڙيون فلمون ٺاهيون آهن اسان کي ته اهڙن سوالن کان به بچڻ گهرجي. اسان کي ان سوچ مان مٿي ٿيڻ گهرجي جڏهن ماڻهو ڏسڻ لاءِ تيار آهي ته اسان ڏيکاريندا آهيون هن چيو ته مان ڀارت کان وٺي پرڏيهي ملڪن تائين اسٽيج تي ماڻهن کي بولڊ سين ڪندي ڏٺو آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي پنهنجي جسم کان شرم ڇو اچڻ گهرجي اهو ئي هڪ ذريعو آهي جنهن ۾ هڪ فنڪار جي طور تي استعمال ڪري سگهان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *