فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ وارو ٺهراءُ اسيمبلي ۾ پيش، اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جي معاملي تي قومي اسيمبلي م ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته فراسيسي صدر کي ملڪ مان ڪڍڻ تي ايوان ۾ بحث ڪيو وڃي، سمورن يورپي ملڪن کي معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي. سڀني مسلمان ملڪن کي شامل ڪندي مسئلو پرڏيهي فورمز تي اٿاريو وڃي پرڏيهي معاملن جي حوالي سان فيصلو رياست کي ڪرڻ گهرجي ڪوئي ٽولو ان حوالي سان دٻاءُ نٿو وجهي سگهي اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ فرانسيسي صدر کي ملڪ بدر ڪرڻ جي معاملي تي ڪوٺايل اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر امجد علي خان فرانسيسي ميگزين طرفن گستاخ خاڪا تيار ڪرڻ جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو اجلاس دوران هراءُ جو متن پڙهي ٻڌائيندي هن چيو ته فرانسيسي صدر راءِ جي اظهار جي آزادي جو سهارو وٺي اهڙن ماڻهن جي حوصله افزائي انتهائي افسوسناڪ آهي هن چيو ته ايوان گهر ڪري ٿو ته فرانسيسي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ تي بحث ڪيو وڃي. هن ان معاملي تي هڪ اپيشل ڪميٽي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته هي نهايت حساس معاملو آهي ان لاءِ منهنجي خاص درخواست آهي اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته مون کي افسوس آهي جو تحفظ ناموس رسالت جو معاملو جنهن تي سڄو پاڪستان متفق آهي پر اوهان ايوان ۾ ان کي تڪراري بڻائي رهيا آهيو هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ٺهراءُ آڻڻو هو ته اپوزيشن سان ڳالهايو وڃي ها ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي ٺهراءُ آندو پيو وڃي منهنجي گذارش هوندي ته هڪ ڪلاڪ ڏنو وڃي اسان ان کي پڙهي ان ۾ جيڪو وڌيڪ لکڻو آهي اهو سڀني جي سامهون رکنداسين هن چيو ته اسپيشل ڪميٽي جي ڪائي ضرورت نه آهي سڄي ايوان جي ڪميٽي هوندي شاهد خاقان عباسي جي خدشن تي ردعمل ڏيندي حڪومتي بئنجز مان علي محمد خان چيو ته هي ٺهراءُ جيڪو پيش ڪيو ويو آهي هي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ٿيندڙ معاهدي جي تحت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي هن چيو ته هڪ نجي رڪن جي درخواست تي هي ٺهراءُ آيو آهي ان تي غور ڪيو وڇي ۽ ان کي خاص ڪميٽي طرف موڪليو وڃي. اجلاس دوران خطاب ڪندي مولانا اسد محمود چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه هي آهي ته وزيراعظم جي تقرير ۾ حڪومت جي پاليسي سامهون اچڻ کان پوءِ ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪنهن ڪيون اسان گهر ڪيون ٿا ته ٽي ايل پي سان حڪومت جي ٿيندڙ معاهدي جو تفصيل قوم آڏو آندو وڃي هن چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي ميڊيا کي عوام آڏو آڻڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ملڪ اندر جيڪي حالتون پيدا ٿيون آهن انهن حالتن جين تيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ان قرارداد جي متن جو ٻيو حصو اڻپورو آهي مولانا اسد محمود چيو ته هو چون ٿا ته اسان تحريڪ لبيڪ سان ان ٺهراءُ کي طئي ڪيو آهي ختم نبوت، توهين رسالت جو مسئلو هڪ تحريڪ جو مسئلو نه آهي هن چيو ته اسان وزيراعطم جي راتوڪي تقرير کي حڪومت جي پاليسي سمهون ٿا پارليمان کي آگاهه ڪيو وڃي ته ٽي ايل پي سان اصل ۾ ڳالهيون ڪنهن ڪيون آهن هن چيو ته احتجاجي مظاهرن دوران جيترا ماڻهو زخمي ٿيا يا قتل ٿيا حڪومت کي ان جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ گهرجي جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ چيو ته حڪومت کي جڏهن هنگامي اجلاس طلب ڪرڻو هو ته هن اپوزيشن سان ڳالهائڻ جي زحمت به نه ڪئي اسپيڪر اسيمبلي اوهان جو هن معاملي تي عمل ڌرڀر وارو آهي ان تي مان احتجاج ڪيان ٿو مان هن معاملي تي مڪمل پارليماني ڪميٽي ٺاهي وڃي هن چيو ته مون کي اميد هئي ته هتي فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته هي ڪمزور ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هن چيو ته اسپيڪر صاحب جيڪڏهن اوهان اڄ هن قرارداد تي اپوزيشن کي نطرانداز ڪيو ته مان قسم سان چوان ٿو ته مان اوهان کي پارليامينٽ نه هلائڻ ڏيندس هن چيو ته اميد آهي ته اوهان عوام جي جذبن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي جذبن جو خيال ضرور رکندا وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته اپوزيشن جيڪو ڪري رهي آهي، اسان جيڪو ڪري رهيا آهيون ۽ ٽي ايل پي جيڪو چاهي ٿي اسان کي هڪ اهڙي رستي تي هلڻ گهرجي جو تڪرارن کي رستن بدران ايوانن ۾ حل ڪريون هن چيو ته ناموس رسالت جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي رستا آهن ان تي ايوان ۾ ويٺل ماڻهو ۽ رستن تي ويٺل ماڻهن جو اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ان جي مقصد تي اختلاف نٿو ٿي سگهي هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪوئي ناموس رسالت جي ڳالهه ڪري ته ان جو محافظ آئين دوستور ۽ قانون آهي ڪنهن ٻئي طرف وڃڻ جي ضرورت نه آهي نورالهق قادري چيو ته ٺهراءُ ۾ مثبت طريقيڪار اختيار ڪيو ويو هن چيو ته عمران ان ناموس رسالت لاءِ ڀرپور سفارتڪاري ڪئي آهي عمران خان جو عشق رسول سان جيڪو تعلق آهي اهو نه ڪنهن پير جو آهي نه ڪنهن مولوي جو آهي هن چيو ته هن تعلق کي ڪوئي چئلينج نٿو ڪري سگهي هن شفقت محمود کي چئي ستين ڪلاس جي ٻارڙن جي نصاب ۾ سيرت نبوي شامل ڪيو آهي هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان اوهان جي ختم نبوت جو جذبو ڏٺو آهي هتي چونڊ قانونن ۾ ختم نبوت کي ختم ڪيو پئي ويو جڏهن ممتاز قادري کي ڦاهي ڏني پئي ويئي جڏهن 22 هٿين خالي ماڻهن کي فيض آباد ۾ شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته اوهان هاڻي هي نعرا هڻڻ تي مجبور ٿي پيا آهن اوهان نعرا هڻو يا نه هڻو اسان ان کان پوئتي نه هٽنداسين مذهبي معاملن واري وزير طرفان ماڊل ٽائون واري ڳالهه ڪرڻ تي (ن) ليگ جي ميمبرن شور گوڙ شروع ڪيو (ن) ليگ ميمبرن اسپيڪر ڊائس جو گهرائو ڪري ورتو اسد قيصر چيو ته هي حساس معاملو آهي ان تي سياست نه ڪريو. مان ٻنهي طرفان جي ميمبرن کي چوان ٿو ته هن معاملي کي سنجيده وٺو اسد قيصر چيو ته اڃا قرارداد پيش ٿي آهي منظور ناهي ٿي شاهد خاقان عباسي چيو ته هائوس هلائڻ پهريان اوهان سکو احسن اقبال چيو ته نورالهق قادري جيڪو بيانيو اختيار ڪيو اهو اهو ئي بيانيو آهي جنهن جي قيمت مان هڪ گولي جي صورت ۾ ادا ڪئي هئي هن چيو ته هن ايوان مان جيڪو ڪجهه ٿيو هو اهو گڏيل هو جڏهن ان تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ته سڄي ايوان سوال اٿارڻ بنا ان کي تبديل ڪري ڇڏيو هو هن چيو ته مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته مان ان عورت جو پٽ آهيان جن کي هن ايوان اندر ناموس رسالت جو قانون پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو اعزاز حاصل آهي ان گهر ڪئي ته جيستائين ايوان ۾ هن عنوان تي ڪارروائي جاري آهي وزيراعظم کي هتي اچڻ گهرجي هن چيو ته هن ٺهراءُ ۾ تضاد آهن چيو ويو ته ايوان فراسيسي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي معاملي تي بحث ڪري ۽ اهو به چيو ته اهو ڪم رياست کي ڪرڻو آهي هن چيو ته هي ناموس رسالت جو ٺهراءُ آهي چاهيون ٿا ته هي 22 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪري ۽ هي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پيش ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ اسپيڪر چيو ته ٺهراءُ پيش ٿيو آهي منظور نه ٿيو آهي ٺهراءُ تي سموريون پارٽيون صلاح مشورا ڪن ۽ گڏيل ٺهراءُ آڻين قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعو 11 وڳي تائين ملتوي ٿئي ٿو.  ٻِئي طرف   سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيوآهي ته اپوزيشن پارٽيون اسلام جي نه اسلام آباد تي قبضي جي ويڙهه وڙهي رهيون آهن پارليامينٽ ۾ اسان کي جهيڙي جهٽي بدران مهذب رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ انٽرنيٽ بيس ووٽنگ نظام جوڙڻو پوندو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت ضروري قانونسازي ڪرڻ گهرجي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ نئين سر تنظيم ڪئي پئي وڃي. سڄي ملڪ ۾ بنيادي شين جي قيمتن ۽ اهي شيون مهيا هجڻ بابت مرڪزي ڊيٽا بيس تيار ڪيو ويندو. اڱاري تي چوڌري فواد حسين ڪابينه اجلاس تي ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته شوڪت ترين پهريون ڀيرو ڪابينه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هن چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ انٽرنيٽ بيس ووٽنگ نظام جوڙڻڻو پوندو وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪري ورتي آهي ۽ عملي مظاهرو به ڪيو ويوآهي هڪ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين پاڪستان ۾ تيار ٿي جڏهن ته 2 ٻاهرين ملڪن مان گهرايون ويون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت ضروري قانون سازي ڪرڻي پوندي هن چيو ته ڪابينه ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني ويئي. هن چيو ته شيخ رشيد ڪابينه کي ڪالعدم ٽي ايل پي سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو هن چيو ته ڪابينه وفاق جي انتظام هيٺ پنج اسپتالن جي ايم ٽي آءِ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري جي منظوري ڏني فواد چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته ڪراچي ۾ وفاق جي انتظام هيٺ اسپتالن کي گڏجي هلايو وڃي. ڪابينه ظهير عباس کوکر کي چيئرمين پاڪستان بيت المال مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي هن چيو ته ڪراچي کان ڪابل تائين يونيسيف جي ڪنٽينرز جي روانگي جي منظوري ڏني ويئي آهي فواد چوڌري چيو ته سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي سڌارڻ لاءِ نئين سر تنظيم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر بابت گٿن لفظن تي شاهد خاقان عباسي جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اسان کي جهيڙي جهٽي بدران مهذب رويو اختيار ڪرڻ گهرجي هن چيو ته ماضي جي دورن ۾ قومي ادارن کي تباهه ڪيو ويو اپوزيشن پارٽيون اسلام جي نه پر اسلام اباد تي قبضي جيويڙهه وڙهي رهيون آهن اپوزيشن کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته چونڊ سڌارن باتب گڏجي ويهون شهيد پوليس اهلڪارن کي نٿا وساري سگهون قتل جي ايف آءِ آر عدالت ئي ختم ڪري سگهي ٿي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ تشدد کي ڀڙڪائيندڙ ٽيوٽر اڪائونٽس ڀارت مان اپريٽ ٿي رهيا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *