فاسٽ بالر محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر هو پاڪستان لاءِ هڪ ڏينهن واري ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.محمد عامر جو چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏيڻ جو فيصلو سولو نه هو پر ڪرڪيٽ جي روايتي فارميٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ مون لاءِ اعزاز هو، ايندڙ ميچون ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع ۾ شرڪت لاءِ پنهنجو فارم ۽ فٽنس برقرار رکن جي ڪوشش ڪندس. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهيان جنهن جن مونکي پنهنجي سيني تي گولڊن اسٽار لوگو لڳائڻ جو موقعو ڏنو.واضح رهي ته 4 جولائي 2009ع تي گال جي ميدان تي سريلنڪا خلاف پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي شروعات ڪندڙ محمد عامر  36 ٽيسٽ ميچن ملڪ جي نمائندگي ڪندي 119 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.  هن پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ هلندڙ سال 11 جنوري تي ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *