عينڪ والا جن کان مقبوليت ماڻيندڙ زڪوٽا حڪومتي مدد جي اوسئڙي ۾

لاهور(شوبز نيوز): ٻارن کي وڻندڙ ڊرامي عينڪ والا جن جي اهم ڪردار زڪوٽا جن کي غربت ۽ بيماري بيوس بڻائي ڇڏيو آهي.اداڪار جو مطالبو آهي ته حڪومت گهر ۽ علاج جي سهولت ڏئي.جادو ۽ طلسماتي منظرن تي ٻڌل مشهور ۽ مقبول ڊرامي عينڪ والا جن کان مقبوليت ماڻيندڙ اداڪار منا لاهوري گذريل هڪ سال کان اڌ رنگي ۾ ورتل آهي، بيماري سندس جسم جو ساڄو حصو متاثر ڪيو آهي، انڪري اداڪاري ته هڪ پاسي پر فنڪار کائڻ پيئڻ کان به محتاج آهي. شاهد ره جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ ناليواري زڪوٽا جن جي گهر ٻاهران ويراني ۽ گندگي آهي، جڏهن ته گهر اندر بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سهولت به ناهي. فنڪار جي اپيل آهي ته حڪومت شهر ۾ گهر ڏئي ته جيئن زندگي جا آخري ساهه هو سڪون سان پورا ڪري سگهي. پنجاب حڪومت پاران منا لاهوري لاءِ 25هزار ماهوار جو وظيفو مقرر ڪيو ويو آهي پر فنڪار چوي ٿو ته کين اهي پئسا وقت تي نٿا ملن جنهن جي ڪري پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *