عوام کي پنهنجا جمهوري ۽ معاشي حق کسي وٺڻا پوندا: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمعو 29 آڪٽوبر تي مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪري اسان دنيا کي پيغام ڏينداسين ته عوام هن سليڪٽڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي بلاول ڀٽو زرداري اڱاري تي يو سي پنج رحمت پور تي درگاهه پير مٺا سائين ۾ پير عبدالغفار مٺا سائين جي رهائشگاهه پهتو جتي هن ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي ان موقعي تي يو سي صدر رفيق ڪرماني، جنرل سيڪريٽري ضمير حسين سمون به موجود هو بلاول ڀتو زرداري يو سي پنج رحمت پور جي مسئلن جي حوالي سان ڪارڪنن، عهديدارن ۽ علائقي جي نيب مردن کان آگاهي حاصل ڪئي پيپلزپارٽي جي چيئرمين جيالن ۽ علائقي جي نيڪ مردن جا پنهنجي چونڊ تڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون انموقعي تي هنچيو ته موجوده حڪومت عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي پيپلزپارٽِ جا ڪارڪن عوام ۾منهنجا سفير آهن عوام ۾ اوهان جي حيٿيت منهنجي نمائندي جي آهي پ پ ملڪ ۾غربت جي اميد آهي، اسان هاري مزدور ۽ نوجوانن جو آواز آهيون ان موقعي تي پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر جميل سومرو، خورشيد جوڻيجو، سردار شاهه، ضياء عباس شاهه، اعجاز جکراڻي، خيرمحمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو، سرفراز کوکر، عبدالباري عباسي، اسلم شيخ، صفدر مٺاڻي، شبير سمون پير بخش لغاري، نارائڻ داس، غلام شبير کوسو ۽ ٻيا به موجود هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام کي پنهنجا جمهوري ۽ معاشي حق ڇني وٺڻا پوندا 29 آڪٽوبر تي پ پ پاران ٿيندڙ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرو تاريخي حيثيت وارو هوندو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي سچل ڪالوني ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪرڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو اجلاس ۾ نثار کهڙو، جميل سومرو، خورشيد جوڻيجو، سردار شاهه، ضياء عباس رضوي، سهيل سيال، گهنور اسراڻ، خيرمحمد شيخ، اعجاز لغاري، انور لوهر، عمران جتوئي، وقار ڀٽو، سرفراز کوکر، آفتاب ڀٽو، ماجد بروهي، ڪامران اوڍاڻو، عبدالباري عباسي، مٺل سومرو، علي گوهر سانگي، علي نواز شيخ، شيرمحمد لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري مظفرعلي کوسو سان سندس مائٽ ماما گل محمد کوسو، وهاب رند سان سندس ڀائٽي، منظور عمراڻي سان سندس عزيز بچل عمراڻي، مبين ٻرڙو سان سندس مائٽ، اڪرم ٻرڙو، روشن علي عمراڻي، ان جي پٽ نديم علي عمراڻي جڏهن ته امتاز ناريجو سان ان جي عزيز جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي علائقي جا مسئلا ٻڌايا ويا، حل بابت تجويزن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي بلاول ڀٽو زرداري ضلعي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪارڪنن ۽ عهديدارن ۽ نيڪ مردن سان ڳالهائندو رهيو ۽ مسئلا ترت حل ڪرڻ لاءِ هدايت به جاري ڪئي. بلاول ڀٽو زداري چيو ته اڄ ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت وڌيڪ وڃڻ کان پوءِ عوام کي اهڙن بحرانن ۾ پ پ جو ڪردار ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي پيپلزپارٽي جي دور ۾ نه رڳو روزگار مليو پر پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ به اضافو ٿيو هن چيو ته عوام کي پنهنجا جمهوري ۽ معاشي حق ڇني وٺڻا پوندا 29 آڪٽوبر تي پ پ پاران ٿيندڙ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرو تاريخي هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *