عوام تي پئٽرول بم ڄاڻي واڻي ناهي ڪيرايو، عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب اهو فيصلو ڪيو: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام تي پئٽرول بم ڄاڻي واڻي ناهي ڪيرايو، عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب اهو فيصلو ڪيو آهي . لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيا ۽ قيمتن ۾ اضافي جو بار حڪومت ۽ عوام کي گڏجي برداشت ڪرڻو پوندو. خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان گهٽ ۾ گهٽ نه چاهيندو ته هو عوام جي پريشانين اضافو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *